وچ اوڀر واري جنگ ۾ “زخمي” ٿيل صحت وارو نظام … ڊاڪٽر ڪامران اعواڻ

                 آمريڪا- ايران جنگ ۽ ان جا اثر لبنان، اسرائيل ۽ خليجي ملڪن تائين پکڙجي رهيا آهن. هي صورتحال وچ اوڀر ۾ طاقت جي توازن کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري رهي آهي، جتي اڳ ئي شام، يمن ۽ غزه جا بحران موجود آهن. ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا عالمي سطح تي وڏي پريشاني جو سبب بڻيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪو حادثو يا حملو ٿيو ته ان جا اثر سرحدن کان ٻاهر به محسوس ٿيندا. ان تي ايٽمي توانائي ڪميشن جا ماهر ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، ته آمريڪا ايران تي جيڪي تازه حملا ڪيا، ان سان ڪٿي ايٽمي تابڪاري ته ليڪ نه پئي ٿئي، ڇو جو ان جو پاڻيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي اثر ڏٺو ويو آهي. جڏهن ته اسپتالن ۽ صحت جي سهولتن تي حملا بين الاقوامي انساني قانون جي سڌي ڀڃڪڙي آهن، جنهن سان عالمي ادارن جي ساک به متاثر ٿي رهي آهي.

                 لکين ماڻهو ايران ۽ لبنان ۾ پنهنجا گهر ڇڏي چڪا آهن. بي گهر ٿيڻ سان نه رڳو علاج ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن، پر سماجي ڍانچو به ٽٽڻ لڳو آهي. جنگ سبب اسڪول بند ٿي رهيا آهن، ٻار يتيم ٿي رهيا آهن ۽ تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن، جيڪو مستقبل ۾ سماجي بحران کي وڌيڪ گھرو ڪندو. مسلسل خوف، لڏپلاڻ ۽ علاج جي کوٽ سبب ماڻهن ۾ ذهني دٻاءُ ۽ ڊپريشن وڌي رهيو آهي، جيڪو سماج جي بحالي کي ڏکيو بڻائيندو. ڊیسيلينيشن پلانٽن تي حملن جي صورت ۾ خليجي ملڪن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جيڪا انساني بحران کي وڌائيندي. ايٽمي ٺڪاڻن يا تيل جي هنڌن تي حملا زميني پاڻي ۽ هوا کي گدلو ڪري سگهن ٿا، جنهن جا اثر نسلن تائين رهندا. ماهرن جو چوڻ آهي ته جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ به صحت، تعليم ۽ سماجي ڍانچي تي ڊگهي عرصي جا منفي اثر رهندا. ڪيترين ئي جڳهين تي اسپتالون، ڪلينڪون ۽ ايمبولينس سڌي طرح نشانو بڻايو وڃن ٿيون، آپريشن ٿيٽر، آءِ سي يو ۽ ليبارٽريون تباهه ٿي ويون آهن. سوين ڊاڪٽر ۽ نرسون مارجي ويا آهن. ڪيترائي طب جا ماهر ملڪ ئي ڇڏي ٻاهر هليا ويا آهن. ان ڪري باقي عملي تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌي ويو آهي.

جنگ سبب سپلاءِ چين ٽٽي وئي آهي. ضروري دوائون، جهڙوڪ اينٽي بايوٽڪس، سور ختم ڪندڙ ۽ ڊائلاسسز سامان گهٽجي ويا آهن. ايمبولينسن تي حملا يا رستا بند ٿيڻ سبب مريض وقت تي اسپتال نٿا پهچي سگهن، فوري علاج نه ملڻ ڪري موت جي شرح وڌي وڃي ٿي. ويڪسينيشن پروگرام به بند ڪيو ويو آهي. حمل وارين عورتن کي محفوظ ڊليوري جون سهولتون نه ملڻ سبب نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح وڌي رهي آهي.

2023 کان شروع ٿيل جنگ 2026 تائين اچي هڪ مڪمل انساني ۽ ميڊيڪل بحران ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. هي جنگ صرف فوجي نه پر صحت، معيشت ۽ سماج جي مڪمل تباهي بڻجي وئي آهي. اسرائيل جي انهن عرب ملڪن تي حملن ۽ خاص ڪري غزه تي حملن ۾ مجموعي طرح 75,000 کان وڌيڪَ ماڻهو شهيد ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو انگ 70 سيڪڙي کان به ٽپي ويو آهي. جڏهن ته ڪجهه رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اٽڪل هڪ لک ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن. 2026 ۾ ايران لبنان جنگ ۾ ايران: 2200 کان وڌيڪَ موت، 20،000 زخمي، لبنان 2000 کان وڌيڪَ موت، 15000 زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته اسرائيلي فوجن صرف غزه ۾ 30 هزار نوجوان ڇوڪرين جو قتل عام ڪيو آهي، ان تي انهن جو مؤقف آهي ته اهي ڇوڪريون اڳتي هلي فلسطينين جو نسل وڌائينديون، ان ڪري انهن کي قتل ڪري رهيا آهيون. جنهن جي عالمي برادري مذمت به ڪئي آهي.

ڊبليو ايڇ او جي اڀرندي بحيره روم (ميڊيٽيرينيئن سمنڊ) لاءِ علائقائي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري دشمنيون روڪڻ لازمي آهن، ڇو ته صحت جو هڪ حقيقي بحران “حقيقي وقت ۾” سامهون اچي رهيو آهي. هن زور ڀريو ته اسپتالن ۽ صحت جي سهولتن کي “محفوظ پناهه گاهه” سمجهيو وڃي. بلخي خبردار ڪيو ته جوهري ٺڪاڻن تي حملن جا امڪان ۽ پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن کي نشانو بڻائڻ سان هڪ وڏي تباهي ثابت ٿيندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڊیسيلينيشن پلانٽن تي حملو ٿيو ته خليجي ملڪن ۾ لکين ماڻهو پاڻي کان محروم ٿي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته برسات جو پاڻي به تيل جي هنڌن يا ائٽمي ٺڪاڻن تي حملي کان پوءِ زميني پاڻي کي گدلو ڪري سگهي ٿو. اسپتالن جي بندش ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ سبب دائمي بيمارين جو علاج متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ويم دوران موت واري شرح، دماغي صحت، ۽ ٻارن جي تعليم تي به ڊگهي عرصي وارا اثر پوندا. ڊبليو ايڇ او تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا- ايران جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ لبنان، ايران ۽ اسرائيل ۾ صحت جي سهولتن تي ڪيترن حملن جا واقعا پيش آيا آهن. سوڊان ۾ هڪ اسپتال تي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 70 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ٻار، نرسون ۽ ڊاڪٽر به شامل هئا، ۽ اسپتال مڪمل طور تي غير فعال ٿي وئي آهي. بلخي چيو ته ماضي ۾ ماڻهو جنگ دوران اسپتالن ۾ پناهه وٺندا هئا، ڇو ته کين يقين هوندو هو ته انهن تي بمباري نه ٿيندي. پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي، ۽ اسپتالن تي به حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته بين الاقوامي انساني قانون تي عمل درآمد کي ٻيهر بحال ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن صحت جي شعبي کي بچائي سگهجي. بلخي چيو ته دنيا جو ڌيان آمريڪا- ايران جنگ تي ٽڪيل آهي، جنهن سبب غزه، سوڊان ۽ يمن جا بحران نظرانداز ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اهو ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته انهن علائقن ۾ به موت، بيماري ۽ بي گهر ٿيڻ جا وڏا مسئلا موجود آهن، جيڪي عالمي سطح تي نظر نٿا اچن.

صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وچ اوڀر جي ان جنگ ۾ 50٪ کان وڌيڪ اسپتالون مڪمل بند آهن. 793 کان وڌيڪَ صحت مرڪزن تي 500 ڀيرا حملا اسرائيل حملا ڪيا آهن. هو ڏسندا آهن ته اڄ زخمين جو انگ وڌيڪ آهي ته پوء ان اسپتال مٿان بم ڪيرائيندا آهن، ان ۾ جيڪي زخمي هوندا آهن، اهي به شهيد ٿي ويندا آهن. ڊبليو ايڇ او پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته مختلف ملڪ فلسطينين، لبنان، شام، عراق ۽ ايران جي زخمين لاءِ دوائن جا ڀريل سامونڊي جهاز موڪلين ٿا، جن کي پهرين اسرائيل روڪيندو هو، هاڻ وري آمريڪا ايران جي ناڪابندي جي ڪري انهن ميڊيسن ۽ کاڌ خوراڪ سان ڀريل سامونڊي جهازن کي روڪي ڇڏيو آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جنگ جي ڪري پاڻي، خوراڪ ۽ بيمارين جي وڏي بحران جنم ورتو آهي، جيڪو ڪنٽرول کان ئي ٻاهر نڪري ويو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۽ لبنان تي پاڻي جي پائپ لائينن، ٽانڪين ۽ فلٽر پلانٽن ۽. 100٪ علائقن ۾ پاڻي لاءِ ڊيسيلينيشن پلانٽن تي حملا ڪري انهن کي تباهه ڪيو آهي. ان سان ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي ناهي، خوراڪ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. بيمارين منهن ڪڍيو آهي. اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل جو عملو ۽ دوائون ناهن، آپريشن جو سامان ئي ناهي. ڊائريا، ڪالرا، ٽائيفائيڊ ويڪسينيشن نظام متاثر ٿي ويو آهي.

ان جنگ جي ڪري وچ اوڀر ۾ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي وئي آهي، انگن اکرن موجب غزه: 1.9 ملين ماڻهو بي گهر، ايران: 3.2 ملين ماڻهن جي لڏپلاڻ، لبنان 1 ملين کان وڌيڪَ بي گهر ٿي ويا آهن. پناهگير ڪيمپون ماڻهن سان سٿيل آهن، صفائي جو ڪو نظام ئي ناهي، ان ڪري بيماريون وڌي رهيون آهن. جن جا اثر عورتن ۽ ٻارن تي پئجي رهيا آهن. روزانو سراسري طور 47 عورتون ۽ ڇوڪريون مارجي رهيون، 50 هزار ڳورهارين عورتن جو علاج ئي ناهي ٿي سگهيو. ٻارن ۾ ڊپريشن جي بيماري وڌي رهي آهي. صحت جو نظام “سخت دٻاءُ هيٺ” آهي. اسپتالن تي حملا بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهن. صحت، تعليم ۽ معيشت مڪمل طور متاثر ٿي آهي. جنهن سان انساني ترقي 77 سال پوئتي ۽  معيشت 84٪ گهٽجي وئي. صرف غزه لاءِ 71 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، پر ان لاءِ صرف اعلان ٿيا آهن، ڪنهن ملڪ هڪ ٽڪو به ناهي ڏنو. عالمي ماهرن مطابق، جيڪڏهن جنگ نه روڪي وئي ته  هي بحران ايندڙ ڏهاڪن تائين جاري رهندو.