“وڊيري ڪا بيٽا” فيم سنگر پيءَ بڻجي ويو: پٽ جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي شيئر 

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ)“وڊيري ڪا بيٽا” جهڙي مقبول گاني سان شهرت حاصل ڪندڙ مشهور مزاحيه فنڪار، گلوڪار ۽ ڪانٽينٽ ڪريئٽر علي گل پير  پي بڻجي ويو، گلوڪار پٽ جي تصويرن سميت اها خوشخبري چاهيندڙن سان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي پيءُ بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.واضح رهي ته  علي گل پير ڊاڪٽر عظميٰ سان شادي ڪئي هئي، ٻئي پنهنجي نجي زندگي جا مختلف لمحا به چاهيندڙن سان شيئر ڪندا رهندا آهن، جوڙي هلندڙ سال عيد الاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پهرين ٻار جي آمد جي خبر چاهيندڙن کي ڏني هئي.