وڌندڙ روڊ حادثن ۾ ضايع ٿيندڙ زندگيون

                 ڪجھ سال پهريان شعور وند طبقي پاران اهو تصور ڏنو ويو هو ته سنڌ ۾ ايترا ماڻهو قبيلائي تڪرارن ۾ نه ٿا مرن، جيترا روڊ حادثن ۾ موت جي مُنهن ۾ هليا وڃن ٿا، (جيڪا ڪنهن حد تائين صحيح ڳالھ به هئي) مگر هينئر حالتون اُن کان به بدتر ٿي ويون آهن، هاڻي قبيلائي جهيڙن کان ٻيڻ يا ٽيڻ تي روڊ حادثن ۾ ماڻهو مرن ٿا. مگر افسوس اڃان تائين سرڪار ۽ ٽرانسپورٽ فيلڊ وارن کي اِن جو سبب سمجھ ۾ ناهي اچي سگهيو. يا ڄاڻي واڻي اکيون بند ۽ ڪن لاٽار ڪريو ويٺا آهن. روڊن ۽ هاءِ ويز جي حالت تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اکيون پٿر ٿيو وڃن ۽ وري اهڙن کَڏن، کامن ۽ جهول پيل ٽُٽل ڦُتل روڊن تي هزارن جي تعداد ۾ مختلف قسم جي گاڏين کي ڏسجي ٿو ته مٿو چڪرائجي وڃي ٿو. ماڻهو جيڪي ملازمت يا ڪنهن ٻئي ڪم ڪار سانگي  هڪ کان ٻئي شهر پبلڪ ٽرانسپورٽ تي اچ وڃ ڪن ٿا، اُهي يا ته پاڻ اهڙن حادثن جو شڪار ٿين ٿا يا اهڙا حادثا ٿيندي روزانو ڏسن ٿا. حادثن ۾ هڪ فرد کان وٺي خاندانن جا خاندان ختم ٿيو وڃن. هڪ ته جنهن جاءِ تي حادثو ٿئي ٿو، اُتي فوري رييسڪيو جي سهولت ناهي، ماڻهو تڙپي تڙپي مرن ٿا. ٻيو جيستائين سندن وارث پهچن، ايستائين بيحس ماڻهو حادثن ۾ مري ويلن جا کيسا خالي ڪري وڃن ٿا، عورتن کي پاتل زيور لاٿا وڃن ٿا، ڪجھ تصويرون ڪڍڻ ۽ وڊيوز ڀرڻ ۾ لڳا پيا ھوندا آھن. ڪير به کين تُرت علاج لاءِ اسپتال کڻي وڃڻ جهڙو ثواب جو ڪم نه ٿو ڪري، جيڪو سماجي ۽ شرعي طور انساني فرض آهي. معاشري ۾ ايڏي بيحسي ڏسي يا ٻڌي هڪ حساس دل ماڻهو ڄڻ ته پاڻ دِلي ۽ ذهني طور تي حادثي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جنهن جو مطلب ٿيو ته سماج مان، همدردي، رحمدلي، انسانيت ۽ ٻئي جي مدد ڪرڻ جهڙا جذبا ناپيد ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو فقط سماجي جانور بڻجي رهجي ويو آهي. آخر هي بيحس رَويا ڇو پيدا ٿي رهيا آهن، ماڻهو کي ماڻهو جو احساس ڇو ناهي رهيو ۽ ڪنهن جي تڙپي مرڻ تي زنده انسانن جو ضمير ڇو ٿو مري وڃي؟

هڪ اهڙي دُکدائڪ خبر 8 نومبر واري پنهنجي اخبار ۾ پڙهي ته ”فيض گنج“ ڀرسان  هڪ همراھ کي ٽِن معصوم پُٽن سميت خُوني ٽرالر چياٽي ڇڏيو، جنهن حادثي ۾ ٻار ٿڏي تي فوت ٿيا ۽ سندن پيءُ شديد زخمي ٿي پيو. هاڻي جي اُهو پيءُ ٺيڪ ٿي حادثي کي ياد ڪندو ۽ پنهنجي معصوم پُٽن جي اهڙي المناڪ موت کي ياد ڪندو ته  هُُو ڪهڙي زندگي جيئندو؟ هُن جي ته دنيا اُجڙي وئي ۽ پاڻ به ڄڻ ته جيئري موت جي مُنهن ۾ هليو ويو. اهڙا ڪَئين حادثا روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا، ڪو به مئن روڊ، سي پيڪ روڊ يا لِنڪ روڊ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ محفوظ رستو ناهي، جتي قدم قدم تي موت جو راڪاس بيٺل آهي. ڪراچي ۾ خُوني ڊمپرن جو بِنا بريڪ ٽولو ماڻهو ماريندو وتي ٿو، سنڌ جي ٻين شاهراهن تي ننڍين گاڏين کي وڏين گاڏين جي ٽڪر جو خوف رهي ٿو. انهيء سڄي منظر نامي ۾ وڌيڪ متاثر بائيڪس وارا ٿين ٿا، جيڪي ڪنهن وڏي گاڏي جي ٽڪر جو نشانو بڻجن ٿا يا اُن جي سوين مڻ وزن هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿين ٿا. بد مست بَسون،  ٽرڪون، وڏا ٽرالا، ڊمپر، ٽريڪٽر ٽراليون ۽ مزدا ٽائيپ گاڏيون اهڙن حادثن جا سڀ کان وڌيڪ ذميدار آهن. جن جا سيکڙاٽ يا موالي ڊرائيور نه ٿا ڏسن بائيڪ واري کي، نه ٿا ڏسن ننڍي ڪار واري کي، نه ٿا ڏسن روڊ پار ڪندڙ ڪنهن وڏي عمر جي ماڻهو، عورت، ٻار يا شخص کي ۽ نه ٿا ڏسن روڊ ڪناري بيٺل يا ستل ماڻهن کي.  بس ايڪسيليٽر تان سندن پير هٽي ئي نه ٿو، تيز رفتاري سبب ماڻهو ماريندا ۽ گهر اُجاڙيندا وتن ٿا. آخر اهڙن هاڃن جو نوٽس ڪير وٺندو، ڪير اهڙن بد مست گاڏيون هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو؟ چا هي هر اداري کان طاقتور آهن؟ 

وري جي وين (ويگن) وارن جي مقابلي بازي ۽ اوور ٽيڪنگ کي ڏسجي ٿو ته ڏِيل ڏَڪي ٿو وڃي. پنجاھ سئو رُپين جي خاطر هُو به ماڻهن (مُسافرن) جي زندگين سان کيڏڻ جو شوق بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي پورو ڪن ٿا. نه ٿا ڏسن رش واري جاءِ، نه ٿا ڏسن ڪچو پڪو رستو، نه ٿا ڏسن جمپ، بريڪر ۽ ٽُٽل ڀڳل روڊ، انهيء لالچي سوچ تحت مقابلي بازي ڪن ٿا ته متان اڳين اسٽاپ تي  بيٺل مسافرن کي پوئين گاڏي نه کڻي وڃي. اِنهيءَ سوچ تحت گاڏيون ڀڄائيندي يا پاڻ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿين ٿا يا ڪنهن بائيڪ واري يا روڊ ڪراس ڪندڙ پيدل ماڻهوءَ کي ٻئي جھان موڪلي ٿا ڇڏين.

ٻئي پاسي سرڪار سڳوري جا ڪم اِهي آهن جو ڪنهن به گاڏي واري وٽ (گاڏيءَ جو)  فِٽنيس سرٽيفڪيٽ نه آهي، مطلب ڪو چيڪ اينڊ بئلنس نه آهي. گهڻن ڊرائيورن وٽ لائسينس ڪونهي ۽ نه ئي رستي تي هلڻ جي ڪنهن قاعدي يا قانون جي خبر آهي. جيئن مان پهريان لکي آيو آهيان ته ڪوبه محڪمو ان سڄي خطرناڪ صُورتحال کي نه ته ڪنٽرول ٿو ڪري، نه نظر ٿو رکي ۽ نه ڪنهن کان ڪو پڇاڻو ٿئي ٿو. جنهن جو فائدو ٽرانسپورٽ مافيا کڻي ٿي، ماڻهو مرن ته ڀلي مرن،  اِن سان ڪنهن واسطيدار جو واسطو نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن  مُتعلقه سرڪاري عهديدار، وزير يا سياستدان کي تڪليف پهچي ٿي! ڇو ته گهر ته ٻين جا اُجڙن ٿا.

اِن سڄي مامري ۾ صرف وڏين گاڏين ۽ ڊرائيورن جي ڪوتاهي يا لاپرواهي شامل ناهي ٿورو قصور عوام جو به آهي، پهرين ته اهڙي صُورتحال ۾ رڳو ساھ مُٺ ۾ رکي خير خير جو وِرد ڪندا حادثي جو انتظار ڪن ٿا. مسافرن کي به کپي ته اهڙي خطرناڪ يا ڊرائيور جي رَف ڊرائيونگ جي صُورتحال ڏسي ڊرائيور کان پڇاڻو ڪن ته بابا اسين ٻارن ٻچن وارا آهيون، گاڏي طريقي ۽ سليقي سان هلاءِ،  ته يقينن ڪنهن حد تائين ايڪسيڊنٽ يا ڪنهن گاڏي سان ٽڪر جا امڪان گهٽ ٿي سگهن ٿا. پر مجال آهي جو مسافر ڊرائيور جي اهڙي غفلت تي ڪجھ ڪُڇن. ڇو ته مسافر ويچارا ڄاڻن ٿا ته اُنهن جي احتجاج سان ڪجھ ڪونه ٿيندو.

ٻيو ته ڪي امير والدين پنهنجي ننڍي عمر جي ٻارن کي وڏي گاڏي (ڪار وغيره) ڏين ٿا، اُهي ننڍا ڊرائيور به ڪنهن بائيڪ يا روڊ ڪناري هلندڙ ماڻهوءَ کي وڃي ٽڪر هڻن ٿا. وچولي طبقي وارا وري اسڪول يا مارڪيٽ وڃڻ لاءِ ننڍن ٻارن کي بائيڪ وٺي ڏين ٿا، جيڪو به پڻ ڊرائيونگ جي خلاف ورزي يا ان جي ابتڙ عمل آهي. سو هينئر ان ڳالھ کان به جي احتياط ڪجي ته بهتر عمل هوندو. ان ڪري جو هاڻ روز جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. ڪي ورهيه اڳ ٽريفڪ گهٽ هئي، روڊن تي گاڏيون گهٽ هلنديون هيون، مگر هينئر ته ”ٽريفڪ جام“ جو اصطلاح جُڙي چڪو آهي. مطلب ته گاڏيون ڪِيڙن ماڪوڙن وانگي روڊن تي ڊوڙي رهيون آهن، سو ٿورو احتياط ڪنهن کي يا ڪنهن جي فيملي کي بچائي سگهي ٿو.