سردارن جي واٺن ٻه اھڙا نوجوان قتل ڪيا جن سرعام چيو ھو ته جھيڙن جا ذميوار سردار آھن. رستم ۾ پوليس ڪارروائي جي بھاني سچ ڳالھائيندڙ مالڪ ڏنو سعد خاناڻي ۽ مھربان جي خون جي اصل چيڀٽ انھن کي آئي جيڪي اجتماعي شعور وارا آھن. انھن نوجوانن ٽائيم نيوز سان خيالن جو اظھار ڪندي چيو ھو ته خوني تڪرارن جا اصل ذميوار ڀوتار آھن، ٻنھي ذاتين جا ڀوتار چاھين ته امن ٿي سگھي ٿو. اھو ممڻ تڏھن متو جڏھن شڪارپور ضلعي ۾ 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات ھڪ ڄڃ تي حملو ڪري گھوٽ الطاف حسين مھر ۽ سندس ننڍڙي ڀاءُ سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، گھوٽ جي ماءُ به زخمي ٿي.
سنڌ ۾ عام ھي صدا بلند ٿئي ٿي، جيئن سياسي ڪارڪنن جي ھڪ جٿي چيو آھي ته چونڊيل نمائندا ۽ سردار خوني تڪرارن ۾ ملوث آھن. سنڌ ۾ ڀوتارن سردارن واري مافيا لڪل ناھي ۽ انھن خلاف آواز به اٿي ٿو پر اڪثر سياستدان ڪيترن ئي طريقن ۽ عيارين سان ان جو بچاءُ ڪن ٿا. استاد چواڻي:
واھرو جي ويري ٿئي ته ڇا چئجي !
روشني جي ميري ٿئي ته ڇا چئجي
ڪري چوري سينا زوري
وري اچي پيري ٿئي ته ڇا چئجي !
ٿورو وقت اڳ ھڪ سردار باڊھ ۾ اچي ھڪ ذات جي ماڻھن کي چيو ته، انھيءَ ذات جي ٽائيگر فورس لاءِ نوجوان ڏيو. ھر ذات جو سردار اھڙا ٽائيگر فورس ڌاري ٿو ۽ انھن کان چونڊ ماڻھن تي حملا ڪرائي ٿو. انھيءَ طرح ماڻھو مڇرجي يا پاڻ کي غير محفوظ سمجھي جھيڙو ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. اھي ٽائيگر فورس ئي ڌاڙا ھڻن، ماڻھن کي اغوا ڪن ۽ ٻيون وارداتون ڪن ٿا. مطلب ته اڪثر فساد ايئن پکڙجي ٿو. البت انھيءَ جا وڌيڪ ذميوار اھي آھن جيڪي ملڪ تي اڻ سڌي اختياري ھلائين ٿا. جا رياست انڊيا کي شڪست ڏئي ٿي سا ڪچي يا پڪي جي ڌاڙيلن اڳيان بي وس آھي. ڪير ٿو مڃي؟ يقينن سنڌ کي جھالت جو ناسور لڳل آھي، جنھن ڪري جھيڙن ۾ ٽرگر دٻائيندڙ يا انھن جو کاڄ ٿيندڙ عام ماڻھو سازشن کي سمجھي نه ٿا سگھن. عام اڻ پڙھيل ماڻھن تي ڪھڙي ميار جڏھن چار درجا پڙھيل ماڻھو به اھو چئي سردارن جي چاپلوسي ڪن ته ڪجھ سردار جھيڙا ڪرائين ٿا، باقي ته جرڳا ڪري امن ٿا ڦھلائين. جڏھن ته جرڳا سردارن جي سازشي مشين جا پرزا آھن.
جرڳن ۾ اڪثر خون لوڙھيا وڃن ٿا، انصاف جو نالو نشان ڪونھي. ڀوتار ھڪ طرف مثال طور ڪارو ڪاري جي تھمت ھڻن، ٻئي طرف جرڳا ڪري ڏنڊ جي نالي ۾ ننڍن آبادگارن کان زمينون کسين ٿا. مطلب ته اڪثر واقعا انجنيئرڊ ھوندا آھن. البت بي گناھ ماڻھو ڪسجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ گذريل ڇھن مھينن ۾ تقريبن 383 کان وڌيڪ قتل ٿيا، جن مان 30 کان وڌيڪ ڪارو ڪاري جي انتھائي نندا جوڳي لاڙي ھيٺ قتل ڪرايا ويا. انھن مان ڀاڳل، مرادي، مومل، منظوران، مريم، زاھدا، جنت، گل پري، گلزادي، دربخت بٺياڻي، رام ٻائي، فوزيا مگسي، فھميدا ابڙو، ريشما، رحيما، رمشا، وزيران، حسينا وغيره به ھيون پر ھتي ته شادي ڪرڻ به ڏوھ آھي جو ڪيترائي گھوٽ ڪنوار قتل ڪيا ويا. اھو خيال ڪرڻ باطل آھي ته سنڌ جھڙي پرامن ۽ محبتي ديس ۾ اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. نه ٿو چئي سگھجي ته اھڙن پڙھيل ماڻھن جو ٺيڪ ٺيڪ تعداد ڪيترو آھي جيڪي پنھنجي نفسيات اندر ڪارو ڪاري بھاني ماڻھن کي قتل ڪرڻ جا حامي ۽ وڏيرن جي مرضيءَ بدران پنھنجي مرضيءَ جي شادي ڪرڻ وارن جا دشمن آھن. پر اھا ڳالھ پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته انھن جي تعليم اجائي وئي، جو جدت جي دنيا ۾ رھڻ باوجود اھي اونداھي پسند آھن. ھونئن به اڄڪلھ سنڌي نوجوان اڪثر آفيسريءَ لاءِ رٽو ھڻن ٿا. جڏھن ذھن ته سوچڻ لاءِ آھي. سنڌ ۾ اڳي موجود آفيسرن لاءِ ان کان سواءِ في الحال ڪجھ نه چئجي ته چڱو آھي ته ڦڦڙ نه گوشت ڪامورو نه دوست. اھي ڪھڙي مرض جي دوا آھن جڏھن عام ماڻھو بااثرن جي ڏاڍائين جون دانھون ڪن ٿا. جيئن احمدپور واسڻ ھڪ بيواه چئي رھي ھئي ته بااثر سندس مرحوم مڙس واري زمين تي قبضو ڪرڻ گھرن ٿا ۽ انھن سندس ٻن پٽن عبدالجبار ۽ عرفان ڦلپوٽي کي اغوا ڪيو آھي.
امن امان جو ته حڪمران رڳو نالو وٺن ٿا، پوليس جي پرڪارن جي ڪنھن کي خبر ناھي، جنھن مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ سميت ڪيترائي ڪڌا ڪم ڪيا آھن. البت پوليس اميرن جي ٻڌي ٻانھي آھي، ان جي ڪاوڙ ڏاڍي تي چڙھي ڪانہ، ھيڻي تان لھي ڪانه. صوبي اندر ڇھن مھينن ۾ چوري سينا زوري ۽ ڌاڙن ڦرن ۾ 36 کان وڌيڪ ڀاڳيا قتل ٿي چڪا ۽ اھو انگ عام قتلن کان الڳ آھي. اھڙن ئي واقعن ۾ 440 کان وڌ ماڻھو ناحق زخمي ڪيا ويا. بااثرن ۽ وحشي صفت عنصرن 38 کان وڌيڪ عورتن ۽ ٻارن سان ريپ ڪيو ۽ انھن مان 8 بيگناھن مظلومن کي قتل ڪري ڇڏيو. پر سرڪاري عنصرن کي ڪو جھٻو نه ٿو اچي. پوليس، پاٿاريدارن، وزيرن مشيرن، پيرن ميرن سميت مستقل مفاد ٽولن يا کڻي چئجي سموري سرمائيداري سسٽم غربت وڌائي، ماڻھن کي منجھائي ماريو، نفرتن جو ٻج ڇٽيو ۽ پورهيتن کي ھڪ ٻئي سان ويڙھايو آھي، جنھن ڪري عام مايوسي ڦھلجي رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو ھتي آپگھات جو لاڙو وڌيو آھي. گذريل ڇھ ماھي ۾ ھڪ سئو ھڪ کان وڌيڪ ماڻھن خودڪشي ڪئي. جن ۾ ڪيئي بيروزگاري ۽ مفلسي جا ماريل ھئا پر چند کي ڇڏي سمورا ماڻھو ڪسمپرسي، اڻھوند سخت مجبورين جو شڪار ٿيا. اھي واقعا ويڳاڻپ، وحشي پڻي، بي حسي، ظلم ۽ استحصال جي انتھا طرف وڃڻ جو ڏس ڏين ٿا. صورتحال بد کان بدتر ٿيندي وئي آھي. انھيءَ بگاڙ جي سببن مان ھڪ جھالت آھي ۽ جھالت جو ھڪ وڏو حصو بي علمي يا چئجي ته ناخواندگي آھي. عالمي ادارن موجب سنڌ جا 16 لک ٻار بنيادي تعليم کان محروم ۽ پورھيو ڪرڻ تي مجبور آھن. جن مان گھٽ ۾ گھٽ 4 لک ٻار ڊپريشن جو شڪار آھن. ان ڳالھ کي پاسي تي رکندي ته اسڪولي يا يونيورسٽي واري تعليم حاصل ڪندڙ سکن ڪيترو ٿا ۽ ھن ڳالھ کي به ته ڪٿان ۽ ڪيئن سکي سگھن ٿا، اھا روايتي تعليم نه ھجڻ ھڪ وڏو طعنو آھي يا سرڪار لاءِ يا انھن ماڻھن لاءِ جيڪي سوچين، سمجھن ۽ صورتحال جو سور محسوس ڪن ٿا.