وڌندڙ گرمي پد ۽ وڻ پوکڻ جي ضرورت

گلوبل وارمنگ هاڻي ڪنهن هڪ خطي يا ملڪ جو مسئلو نه رهيو آهي، بلڪه اها سموري دنيا جو گڏيل مسئلو بڻجي چڪو آهي. ڌرتيءَ جي وڌندڙ گرمي پد، گليشيئرز جو ڳرڻ، سمنڊ جي سطح ۾ واڌ، ۽ موسمي تبديليون انساني بقا لاءِ سنجيده خطرو بڻجي ويون آهن. دنيا جا ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪ هن خطري کي سمجهي، ان جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيا آهن. ڪٿي ڪاربان جي اخراج کي گهٽائڻ جا منصوبا آهن ته ڪٿي متبادل توانائي ذريعن کي فروغ ڏنو پيو وڃي. ان سان گڏ، وڻ پوکڻ کي به گلوبل وارمنگ جي اثرن کي گهٽائڻ جو سڀ کان سستو ۽ اثرائتو طريقو سمجهيو وڃي ٿو. پر بدقسمتيءَ سان، اسان جي ملڪ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي ٿي. هتي حڪمرانن جي ترجيحن ۾ ماحولياتي تحفظ شامل ئي ناهي. جيتوڻيڪ وقت بوقت “بلين ٽري” جهڙن وڏن منصوبن جا اعلان ڪيا وڃن ٿا، پر عملي طور تي اهي منصوبا رڳو ڪاغذن ۽ بيانن تائين محدود رهجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ته حالتون وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳيون آهن، جتي وڻ پوکڻ جون مهمون به نمائشي نوعيت اختيار ڪري چڪيون آهن. سرڪاري توڙي نجي سطح تي وڻ پوکڻ جا پروگرام ڪيا وڃن ٿا، تصويرون ڪڍيون وڃن ٿيون، ۽ پوءِ انهن وڻن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو وڃي ٿو. نتيجي طور، اهي ننڍڙا ٻوٽا پاڻي ۽ سنڀال جي کوٽ سبب سڪي وڃن ٿا.

ماضي تي نظر وجهنداسين ته صورتحال بلڪل مختلف هئي. ڪجهہ ڏهاڪا اڳ سنڌ جي ٻيلي کاتي طرفان وڏي پيماني تي وڻ پوکڻ جون مهمون هلنديون هيون. ان وقت جديد طريقن سان ڪم ڪيو ويندو هو. ھڙيون پوکڻ لاءِ ڪچي ۾ جهازن ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي چيچڪا ڇٽيا ويندا هئا، جنهن سان وسيع ايراضين تي قدرتي نموني سان ٻوٽا/وڻ ڦٽي ايندا هئا. نم، ٻٻر، ٻير، ۽ ٻيا ديسي وڻ وڏي تعداد ۾ پوکيا ويندا هئا، جيڪي نه رڳو ماحول کي بهتر بڻائيندا هئا پر مقامي جيوت ۽ موسمي توازن لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪندا هئا. پر اڄ ان جي ابتڙ، وڻ پوکڻ بدران وڻن جي بي رحماڻي واڍي جاري آهي.

سنڌ جي ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا به هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪا آهن. اهي زمينون، جيڪي سرڪاري طور ٻيلا لڳائڻ ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ مخصوص ڪيون ويون هيون، اڄ بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن. نتيجي ۾ نه رڳو نوان وڻ پوکيا نٿا وڃن، پر جيڪي موجود آهن، اهي به ختم ٿيندا پيا وڃن. هي صورتحال رڳو ماحولياتي تباهي جو سبب ناهي، پر مستقبل ۾ انساني زندگي لاءِ به سنگين خطرا پيدا ڪري رهي آهي.

هاڻي جڏهن اپريل جو مهينو هلندڙ آهي، تڏهن ئي گرمي پنهنجي شدت ڏيکاري رهي آهي. جيڪڏهن هن وقت حالتون اهڙيون آهن ته پوءِ مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ ڇا ٿيندو، ان جو تصور ئي دل ڏڪائي ڇڏيندڙ آهي. اڳ ئي سنڌ جا ماڻهو گرمي جي شديد لهرن کي برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن، ۽ ان سان گڏ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي بندش انهن جي تڪليفن ۾ ويتر اضافو ڪري رهي آهي. گرمي جي موسم ۾ بجليءَ جي مسلسل کوٽ ماڻهن جي زندگي کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي. گهرن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿئي ٿي، ڪاروبار ٺپ ٿي وڃن ٿا، ۽ عام ماڻهو جي روزمره زندگي متاثر ٿئي ٿي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته بجلي جي کوٽ جو جيڪو جواز پيش ڪيو وڃي ٿو، اهو مڪمل طور تي حقيقت تي ٻڌل نظر نٿو اچي. اسان سمجھون ٿا ته بجليءَ جو اصل شارٽ فال ايترو ناهي، جيتري سنڌ کي کوٽ کڻائي پئي وڃي. هي ناانصافي نه رڳو عوام ۾ بيچيني پيدا ڪري رهي آهي، پر وفاقي سطح تي به سوال اٿاري رهي آهي. حڪومت کي گهرجي ته اھا بجلي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي ۽ گرمي جي شدت کي نظر ۾ رکندي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي. انهيءَ صورتحال ۾ تعليمي ادارن جو معاملو به انتهائي اهميت اختيار ڪري ٿو. شديد گرمي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو رواجي وقت جاري رکڻ شاگردن جي صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته تعليمي ادارن جو وقت صبح ساڍي ستين وڳي کان ٻارهن وڳي تائين مقرر ڪيو وڃي، جيئن ٻارن کي سخت گرمي کان بچائي سگهجي. ان سان گڏ، اسڪولن ۾ ٿڌي پاڻي جي فراهمي ۽ مناسب هوا جي بندوبست کي به يقيني بڻايو وڃي.

گلوبل وارمنگ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ رڳو عالمي سطح تي ڪوششون ڪافي ناهن، بلڪه هر ملڪ کي پنهنجي سطح تي سنجيده قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان، خاص طور سنڌ، کي هن معاملي ۾ فوري طور تي پاليسين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. وڻ پوکڻ کي رڳو نمائشي عمل بدران هڪ مستقل ۽ سنجيده مهم بڻايو وڃي. ٻيلي کاتي کي فعال بڻايو وڃي ۽ ان جي زمينن تان قبضا ختم ڪيا وڃن. ان سان گڏ، عوام ۾ به شعور پيدا ڪيو وڃي ته وڻن جي اهميت کي سمجهن ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. جيڪڏهن اڄ اسان هن مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو، ته ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهڙو ماحول ڇڏي وينداسين، جتي زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي پوندو. وقت جي تقاضا آهي ته حڪمرانن کان وٺي عام شهري تائين، هر ڪو پنهنجي ذميواري محسوس ڪري ۽ گڏجي هن عالمي چئلينج کي منهن ڏئي.