| وڌيڪ ٻن ايراني وومين فٽبالر پاران آسٽريليا ۾ پناهه جي درخواست |
ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي گهرو وزير ٽوني برڪ تصديق ڪئي آهي ته ايراني عورتن جي فٽبال اسڪواڊ جي ٻن وڌيڪ ميمبرن پناهه جي درخواست ڪئي آهي.ان حوالي سان گهرو وزير ٽوني برڪ جو چوڻ آهي ته هڪ رانديگر ۽ هڪ سپورٽ ٽيم ميمبر پڻ آسٽريليا ۾ رهڻ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ آسٽريليا ۾ پناهه جي درخواست ڪندڙ ايراني عورتن جي فٽبال اسڪواڊ جو تعداد 7 ٿي ويو آهي.ٽوني برڪ چيو آهي ته اهي سڀئي هتي محفوظ آهن، انهن جو آسٽريليا ۾خيال رکيو ويندو، مون انساني همدردي جي ويزا لاءِ ڪاغذن تي صحيحون ڪيون آهن،ٻئي طرف برسبين رور فٽبال ڪلب آسٽريليا ۾ پناهه جي درخواست ڪندڙ ايراني رانديگرن کي کيڏڻ جي آڇ ڪئي آهي.