وڌيڪ 400 فلسطيني شهيد، حماس پاران يرغمالين جي آزادي جنگبندي سان مشروط، آمريڪا پاران 900 فوجي موڪلڻ جو اعلان
آڪٽوبر 28, 2023
غزه/ تل ابيب / واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) غزه تي وحشي اسرائيل جي بمباري جاري آحي، نئين بمباري ۾ وڌيڪ 400 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب وڌيڪ 400 ڄڻا شهيد ٿيڻ کان پوءِ شهيد فلسطينين جو انگ 7 هزار 326 ٿي ويو آهي،جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ٻار به ان ۾ شامل آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ عورتون به شهيد ٿي چڪيون آهن
ٻئي پاسي حماس اسرائيلي قيدين جي آزادي غزا ۾ جنگ بندي سان مشروط ڪري اسرائيل جي مختلف شهرن تي راڪيٽ حملا ڪيا آهن، هوڏانهن آمريڪا پاران وچ اوڀر ۾ وڌيڪ فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حماس پنهنجي قيد ۾ موجود اسرائيلي شهرين کي آزادي کي غزا ۾ جنگ بندي سان مشروط ڪري ڇڏيو
پرڏيهي خابرو داري جي رپورٽ موجب روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ حماس جي وفد ۾ شامل ابو حامد چيو آهي غزه ۾ جنگ بندي تائين اسرائيلي قيدين کي آزاد نٿو ڪري سگھجي. هن چيو ته مختلف فسلطيني ڌڙن طرفان غزه پهچايل اسرائيلي شهرين کي ڳولڻ لاءِ وقت گھربل آهي. هن چيو ته حماس طرفان جنگ جي شروعات کان ئي پنهنجي قيد ۾ موجود شهرين کي آزاد ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو پيووڃي. سندس چوڻ هو ته ڪيترائي فلسطيني گروپس سوين حريت پسند 1948ع ۾ اسرائيل طرفان قبضو ڪيل خطن ۾ داخل ٿيا ۽ سوين ماڻهن کي پڪڙي ورتو، جن ۾ گھڻا عام شهري هئا. ابو حامد جو چوڻ هو ته اسان کي غزا ۾ انهن قيدين کي ڳولڻ ۽ پوءِ آزاد ڪرڻ لاءِ وقت گھربل آهي، جنهن لاءِ پرامن ماحول جي ضرورت آهي. هن چيو ته غزا ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هيل تائين 50 اسرائيلي قيدي مارجي چڪا آهن. ابو حامد موجب حماس طرفان هيل تائين قيدين مان 4 کي آزاد ڪيو ويو آهي
هوڏانهن پرڏيهي ميڊيا اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ڳالهين جي دعويٰ ڪندي چيوآهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهيون اهم موڙ تي پهچي ويون آهن، ٻئي ڌريون معاهدي ۽ گارنٽي لاءِ قطر پهچي ويون آهن. هوڏانهن حماس طرفان اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب ۽ ٻين شهرن تي راڪيٽ حملا ڪيا ويا آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب غزا اسرائيل جنگ ۾ پهريون ڀيرو حماس طرفان لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين ڪيترائي ڀيرا تل ابيب کي راڪيٽن جو نشانو بڻايو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته تل ابيب، يافا ۽ ٻين اسرائيلي شهرن ۾ راڪيٽ سبب تباهي ٿي آهي. اسرائيلي شهر رحوفوت ۾ هاءِ ٽرانسميشن لائين تي راڪيٽ لڳڻ سان بجلي معطل ٿي وئي، جڏهن ته هڪ راڪيٽ اسرائيلي علائقي الڪرياهه ۾ به ڪِريو، جنهن کان پوءِ هنگامي سائرن وڄڻ سان اتي ٿيل اسرائيلي عسڪري ڪائونسل جو اجلاس روڪڻو پيو
القسام برگيڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اسرائيل تي تازا راڪيٽ حملا غزا جي شهري آبادتي تي بمباري جو جواب آهن. هوڏانهن آمريڪا وچ اوڀر ۾ وڌيڪ 900 آمريڪي فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پينٽاگون چيو آهي ته گذريل هفتي عراق ۾ گھٽ ۾ گھٽ 12 ۽ شام ۾ 4 حملا ڪيا ويا، اتحادي فوج جي ٿاڪن تي حملن ۾ 20 کان وڌيڪ فوجي زخمي ٿيا. نئين مقرري جو مقصد آمريڪي فورسز جي حفاظت ۽ هوائي دفاع کي هٿي ڏيڻ آهي
رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا جي فوجين کي اسرائيل نه موڪليو ويندو، اها مقرري خطي ۾ اسرائيل فسلطين جنگ وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش آهي. ٻي پاسي حزب الله واضح پيغام ڏنو آهي ته دنيا جي سڀني ويڙهاڪ سامونڊي ٻيڙا به اچي وڃن ته حزب الله کي حماس جي حمايت تان هٿ نٿو کڻائي سگھجي
فلسطيني وزيراعظم محمد اشتيي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل سمجهي و ته اهو مزاحمتي تحريڪ حماس کي ختم ڪري ڇڏيندو ته ايئن ٿيڻ نه ڏبو. عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي فلسطين جي وزيراعظم محمد اشتيي چيو ته حماس فلسطيني سياست جو اهم حصو آهي، ان جون حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته ڪو اڪيلو امن نٿو آڻي سگھي، نه ئي جنگ وڙهي سگهي ٿو. اسان کي متحد ٿيڻو پوندو
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪمت عملي آهي ته الهندي ڪناري جا ٽڪرا ڪيا وڃن. هن جلد جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي مڪمل حل جو مطالبو به ڪيو. هوڏانهن گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائيندي رياض منصور اجلاس ۾ چيو آهي ته اسرائيل جي لاڳيتو بمباري سان غزا جون اسپتال قبرستان بڻجي چڪيون آهن ۽ هيل تائين 3 هزار ٻار ۽ 1700 عورتن کي شهيد ڪيو ويو آهي، اها نسل ڪشي ناهي ته ٻيو ڇا آهي
پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي ٿيل اجلاس ۾ فلسطيني نمائيندي رياض منصور غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب ٻارن ۽ عورتن جي مارجڻ جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو. فلسطيني نمائيندي آلين اکين ۾ اپيل ڪئي ته خدا جي لاءِ اسان جي ٻارن کي بچايو. 3 هزار ٻار مارجي چڪا آهن ۽ 1600 ٻار اڃا به ملبي هيٺ دٻيل آهن
فلسطيني نمائيندي رياض منصور وڌيڪ چيو ته هر هڪ سيڪنڊ ۾ ڪيترن ئي فلسطينين کي رت ۾ وهنجاريو پيو وڃي. هن سوال اٿاريندي چيو ته هاڻ لکين فلسطيني ڪيڏانهن وڃن؟ رفاح ڪراسنگ بند آهي، اسرائيلي ناڪه بندي سبب پاڻي، خوراڪ ۽ بجلي جي فراهمي معطل آهي. گھر بمباري ۾ تباهه ٿي ويا. انهن کان ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي. فلسطيني نمائيندي عالمي قوتن جي اسرائيل جي حمايت ۽ بيحسي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهن کي اسرائيل لاءِ سور محسوس ٿي رهيو آهي ۽ فلسطين جي تباهي تي خاموش آهن. ائين ڇو آهي؟ اهو مذهبي تعصب آهي، نسلي تعصب آهي يا ڪاري ڀوري رنگن جي نفرت واري سوچ آهي. هن خبردار ڪيو ته غزا تي اسرائيل بمباري بند نه ڪئي ته جنگ سڄي وچ اوڀر ۾ پکڙجي سگھي ٿي ۽ عالمي امن کي به خطرا ٿي سگھن ٿا