وڌي وييون دل جون پريشانيون ….پروفيسر غلام حضور جلباڻي

                 جيڪڏهن انسان جا حالات ھڪ وڻ وانگر آھن ته انسان کي به ھڪ ھاري وانگر پنھنجو خيال رکڻو پوندو. جڏهن وڻ  جون شاخون خاص حد ۽ دائري کان نڪري وينديون آھن ته ھاري انهن کي ڇانگي ۽ ڪٽي ڇڏيندو آھي، ته جيئن ٻين وڻن کي وڌڻ ۾ ڪا رڪاوٽ يا تڪليف نه اچي. ڇو ته وڻ جي چَلھي ۾ يا ان جي ڀر وارو گند گاھ ختم نه ڪيو ويندو ته وڻ کي وڌڻ, خوبصورت لڳڻ ۽ ميوو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آھي. ٻئي پاسي اهو گند گاهه وڻ جي خوراڪ کائيندو رهندو آھي، جنهن سان وڻ کي گهربل طاقت ۽ توانائي نه ملي سگهندي آهي ۽ اهو ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندو آهي؛ ان ڪري ھاري ان گاھ کي ختم ڪري ڇڏيندو آھي. ساڳي طرح انسان کي به پنھنجون فضول شاخون ۽ پنھنجي آس پاس موجود سڀ فضول گند گاھ ختم ڪرڻو پوندو ته جيئن نه رڳو ھو پنھنجي زندگيءَ کي خوبصورت بڻائي پر ٻين مستحقين لاء پڻ ڀرجهلو ٿي سگهي.

                 انسان کي ھر وقت پنھنجي زندگي جو جائزو وٺڻ گھرجي ته کيس ۽ سندس گھر ڀاتين کي پريشانيون ڇو وڪوڙيل آھن؟ پريشانيون گھٽ ٿيڻ جي بجاءِ وڌي ڇو رهيون آهن؟ ۽ پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته ڪٿي ھن پنھنجن بيڪار شاخن جي بجاءِ پنھنجون قيمتي شاخون ته ڪٽي نه ڇڏيون آھن؟ يا وري سندس خوبصورت زندگيءَ فضول گندي گاهه جي وڻ ويڙهين ۾ ويڙهجي ته نه وئي آھي؟ جنهن ڪري سندس زندگي ۾ خوبصورت گل ۽ خوشين ڀريا ميوا ته ختم ٿي نه رهيا آهن!

انسان جون کوڙ پريشانيون سندس فضول سوچن، فضول فڪرن، فضول ڪمن، فضول واسطن ۽ ٻين غلطين جي ڪري پيدا ٿين ٿيون ۽ وڌن ٿيون. پنھنجي ۽ پنھنجي گھر وارن جي خوبصورت ۽ خوشين ڀرِي زندگي لاءِ اسان کي مٿين ڳالهين تي غور ڪرڻو پوندو ۽ اهي ڳالهيون تسليم ڪرڻيون پونديون. ان کان پوءِ ئي انھن کي ختم ڪرڻ ممڪن بڻبو ۽ اسان جي زندگيءَ ۾ آسانيون، چڱايون، ۽ خوشيون ظاهر ٿيڻ لڳنديون ۽ زندگي جو سُڪون ۽ لطف حاصل ٿيندو. هر پريشان انسان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنھنجن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ سکي، پنھنجون غلطيون ڳولي ۽ اھو جانچڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪٿي ھن گند گاهه بدران پنھنجون قيمتي شاخون ۽ گل ته ڪٽي نه ڇڏيا آھن، نتيجي ۾ ھاڻي سندس زندگي گندي گاهن، بونھڻن ۽ بيڪار شاخن ۾ ويڙهجي ته نه وئي آھي؟

پنهنجي زندگيءَ جو اهڙو جائزو وٺڻ، ڳنڀير معاملن تي غور ڪرڻ، سچ کي سمجھڻ ۽ غلطين کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن جي ترت اصلاح ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي. اھو عمل هڪ هاريءَ وانگر وقتاً فوقتاً يعني ساليانو موسم آهر ٿيندو رهي. انسان جيستائين انھن فضول شاخن ۽ گندي گاھ (منفي سوچن، خراب عادتون ۽ منفي صحبت) مان جان نه ڇڏائيندو ته پاڻ ۽ پنهنجي گھر وارن کي پريشانين مان ڪڍي نه سگھندو. ان ڪري کيس پنهنجي زندگيءَ مان گندي گاھ، ۽ فضول شاخن جي پاڙ پٽڻي پوندي.جيڪڏهن ڪو هاري گند گاهه کي پاڻ نه ٿو سڃاڻي سگھي ته کيس گهرجي ته ڪنهن ٻئي تجربيڪار ۽ ايماندار ھاري سان مشورو ڪري. ايئن نه ٿئي جو پاڻ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجون قيمتي شاخون، گلَ ۽ ميوا ڪٽي ۽ ڇانگي مورڳو پنهنجون پريشانيون وڌائي ڇڏي! جيڪڏهن گندو گاهه جي سڃاڻپ ۽ ڪٽائي پاڻ نه ٿو ڪري سگهي ته ضروري آهي ته هو ڪنهن تجربي ڪار ماهر کان هن سلسلي ۾ مدد وٺي. ماهر جِي نشاندھي کان پوءِ انهن فضول شين جي پاڙ پٽڻ ۾ جلدي ڪرڻ گهرجي. انھن فضول شين جي پاڙ پٽڻ ۾ ڪو ماڻهو جيتري دير ڪندو ته اهو گند گاھ وڏو ٿي ويندو ۽ سندس خوراڪ کائي کيس ڪمزور ڪري ڇڏيندو، نتيجي ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي گھر وارن کي غير ضروري عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو. مٿين صلاحن تي عمل ڪرڻ سان يقيناً اسان جي زندگيءَ جو باغ خوبصورت، خوشبودار ۽ ميويدار بڻبو ۽ اسان کوڙ سارين اجاين پريشانين ۽ بارن کان آزاد ۽ آجا بڻجي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن پيارن لاءِ ڀرجهلو ثابت ٿينداسين.