| وڍ ۾ ڪشمور واسي خاندان تي بم حملو، ٻارڙو قتل |
خضدار (م ڊ) خضدار ۾ گرنيڊ حملي ۾ هڪ ٻار مارجي ويو ۽ ڇهه ماڻهو زخمي ٿيا. وڍ ۾ گرنيڊ حملي ۾ هڪ ٻار مارجي ويو ۽ ڇهه ماڻهو زخمي ٿيا. پوليس عملدارن واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته آچر جي رات هڪ گهر تي گرنيڊ سان حملو ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته جنهن گهر تي گرنيڊ حملو ڪيو ويو ان ۾ ٻن ڀائرن جو هڪ خاندان رهي ٿو. هن چيو ته ٻئي ڀائر سنڌ جي ڪشمور علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ وڍ ۾ ٻنين ۾ محنت مزدوري ڪن ٿا. ايس ايڇ او عبدالوهاب جي مطابق هڪ ٻار، جيڪو لڳ ڀڳ اٺ سالن جو هو، گرنيڊ حملي ۾ مارجي ويو. حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڇهه ماڻهو به زخمي ٿيا ۽ انهن کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.