وڏن جا وڏا لقاءُ: نيمار نوجوان کي چماٽ وهائي ڪڍي: سانتوز ڪلب ۾ ٿرٿلو

وڏن جا وڏا لقاءُ: نيمار نوجوان کي چماٽ وهائي ڪڍي: سانتوز ڪلب ۾ ٿرٿلو

براسيليا(اسپورٽس نيوز) برازيلي فٽبال اسٽار نيمار پنهنجي ئي ٽيم جي 18 سالن جي نوجوان رانديگر روبينو جونيئر کي ٿپڙ زمين تي ڪيرائي وڌو جنهن کانپوءِ کين ٽريننگ سيشن مان ٻاهر ڪڍيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب هي واقعو سانتوز ايف سي جي پريڪٽس دوران ان وقت پيش آيو جڏهن 34 سالن جو نيمار نوجوان رانديگر تي ڪاوڙجي پيو. نيمار کيس راند جي رفتار گهٽ رکڻ جو چيو هو، جنهن تان ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جيڪا اڳتي هلي جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي. جيتوڻيڪ ماحول ڪافي گرم ٿي ويو هو، پر بعد ۾ نيمار پنهنجي غلطي تسليم ڪندي نوجوان رانديگر کان معافي گهري ورتي، جنهن کانپوءِ معاملو حل ٿي ويو،