وڏن شهرن بعد ڪوٽڙي ۾ به فنڪارن آرٽس ڪائونسل جوڙي ورتي

جُولاءِ 18, 2023

ڪوٽڙي ( رپورٽر) ڪوٽڙي جي ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ آرٽ ڪائونسل جو بنياد رکڻ واري تقريب ٿي جنهن جي صدارت سهيل شورو چيئرمين ضلعي ڪائونسل ڄامشورو ڪئي

  آرٽس ڪائونسل ڪوٽڙي جي عهديدارن صدر رحمت الله ٿيٻو، سينيئر نائب صدر علي بخش گهرياڻي، نائب صدر سرور سخيراڻي، جونيئر وائيس پريزيڊنٽ، جنرل سيڪريٽري محمد رفيق قاضي

 جوائنٽ سيڪريٽري نعيم ملڪ، ڊپٽي سيڪريٽري عبدالستار کوکر، ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري تهذيب آرا سومرو، جونيئر جوائنٽ سيڪريٽري عزيز ڀٽي، انفارميشن سيڪريٽري محبوب ٿهيم، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري صائب ميمڻ،  فنانس سيڪريٽري زوهيب صديقي

 فنانس سيڪريٽري نعيم ڀٽي،  آفيس سيڪريٽري فيضان سخيراڻي حلف کنيو. جڏهن ته مهمانن ۾ سهيل شورو، استاد فتح علي خان، ڊاڪٽر شمس الدين شورو، پير بخش سمون، سيد محسن شاهه، جلال رحمان رند، بابر اقبال، عبدالمنان عرف ماما لالو، زوار نقوي شاهه ۽ آغا ظفر شامل هئا

 پروگرام جي آخر ۾ استاد فتح علي خان، طاهر مٺو، عزت فتح علي خان، اياز سمون،  برڪت فقير، خادم سخيراڻي، معشوق کوکر، سڪينه ۽ سندس گروپ ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو

 جڏهن ته قادر بخش مٺو مزاحيه خاڪا ٻڌائي ماڻھن کي کلائي خيرو ڪري ڇڏيو

Leave A Comment