وزيراعليٰ مراد شاهه پاران بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي جو فضائي معائنو

جُون 12, 2023

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ۾ شدت کانپوءِ صوبائي سرڪار حرڪت ۾ اچي وئي آهي، وزيراعليٰ مراد شاهه سامونڊي پٽي جو فضائي معائنو ڪيو

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سجاول جي سامونڊي علائقي جو جائزو وٺڻ لاءِ شاهبندر پهتو آهي، مڪاني وزير ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت به ساڻس گڏ آهن

ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري، ايم پي ايز محمد علي ملڪاڻي، هير سوهو، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي جي رينجرز،ڊي سي سجاول ۽ ٻيا موجود آهن

وزيراعليٰ مراد علي شاهه ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي جو فضائي معائنو ڪيو، ذريعن موجب وڏي وزير کي سامونڊي طوفان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment