وڏو وزير پوليو جا75 سيڪڙو اضافي نمونا اچڻ تي ناراضپو 

وڏو وزير پوليو جا75 سيڪڙو اضافي نمونا اچڻ تي ناراضپو 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه  پوليو جي روڪٿام لاءِ مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه پوليو خلاف صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ماحولياتي نگراني تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اي او سي اختيارين اجلاس کي ٻڌايو ته نومبر ۾ ڪراچي جي 10 ۽ ٻين ڊويزنن ۾ 11 ھنڌن تي پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي. صوبي ۾ پوليو جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪراچي ۾ آخري ڪيس ڊسمبر 2024ع ۾ اوڀر ضلعي جي گجرو ۾ رپورٽ ٿيو هو. 2023ع جي وچ کان هن وقت تائين 75 سيڪڙو کان وڌيڪ نمونا مثبت آيا آهن، جيڪو گذريل ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته پوليو وائرس جي اها وڏي موجودگي ناقابلِ قبول آهي. صرف هڪ اعليٰ معيار واري منظم مهم ذريعي پوليو پکڙجڻ کي روڪي سگهجي ٿو. هن هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنرز فيلڊ جي سرگرمين تي مڪمل ڌيان ڏين. فرنٽ لائين ورڪرز سرگرم رهن، ڊي ايڇ اوز ڊيٽا ۾ ردوبدل ۽ غير حاضري تي زيرو ٽالرنس بڻائين. پوليو مهم دوران ڪا انتظامي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.