وڏو وزير ڪڻڪ آبادگارن کي فنڊ نه ملڻ تي ناراض

وڏو وزير ڪڻڪ آبادگارن کي فنڊ نه ملڻ تي ناراض

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادشاهه ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڀاڻ جي خريداري لاءِ امدادي رقم جاري ڪرڻ ۾ دير تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اڪائونٽن جي تيز رفتار ايڪٽيويشن ۽ فنڊز جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ جون هدايت ڪئي آهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس کي  ٻڌايو ويو ته  سڄي سنڌ مان هڪ کان 25 ايڪڙ جا 400875 آبادگار رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جن مان 338192 رجسٽريشنون منظور ٿي چڪيون آهن،  نومبر جي آخر تائين ڏهه هزار اڪائونٽ کلي چڪا هئا، اجلاس  ۾سنڌ بينڪ کي هدايت ڪئي وئي ته کاتا کولڻ ۾ تيزي آڻي فنڊز جي منتقلي جلد ڪئي وڃي، زراعت کاتي سان روزاني بنيادن تي ڊيٽا شيئر ڪيو وڃي