| وڏو چيڪو ننڍي چيڪو وٽ هلي ويو، تصوير وائرل |
نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار ويرات ڪوهلي سان هم شڪل نينگر جي ملاقات جي تصوير وائرل ٿي وئي آهي. ان نينگر کي مداحن پيار سان ‘ڇوٽا چيڪو’ سڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. بڙودا ۾ نيوزي لينڊ خلاف ميچ کان اڳ ڪوهلي هڪ ننڍڙي ٻار سان گڏ هڪ تصوير ۾ بيٺو نظر اچي ٿو، جنهن جي معصوم شڪل ۽ ڪوهلي سان عجيب مشابهت مداحن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو. ٻار جو نالو گرويت اتم آهي، جيڪو هريانا جي پنچڪولا جو رهواسي آهي. گرويت يادگار ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته جڏهن ويرات ڪوهلي مون کي ڏٺو ته هن مسڪرايو ۽ پيار سان ‘ڇوٽا چيڪو’ سڏيو. اسٽينڊ مان ‘ويرات، ويرات’ جو نعرو هنيم ته ويرات ڏسي مون وٽ آيو ۽ روهت شرما کي سڏي چيو ته ڏسو، منهنجي ڪاپي ويٺي آهي.