وڏيرو ڌارين جو ساٿاري: ورڪشاپ ۾ غيرقانوني افغانين کي پناهه ڏيڻ جو انڪشاف

مارچ 24, 2025

ورڪشاپ(رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ڀرسان گجري شهر مان ٻه ڏينهن اڳ منگلي پوليس ٻن افغاني ڀائرن سيد نور پٺاڻ ۽ احمد نور کي غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهڻ جي ڏوھ هيٺ گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو هو، ان ڏس ۾ پنهجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ته ٻنهي افغاني ڀائرن کي گجري شهر ۾ مقامي وڏيري عبدالوهاب منگواڻو ٻن سالن کان  کين پنهجي جڳھه تي رهائي رهيو هو ۽ ٻنهي افغاني ڀائرن مان هڪ پنهنجو اصلي نالو تبديل ڪري علي رضا جي نالي سان چڪ ٻه واسي رِضم پٺاڻ کي  ڳري رشوت عيوض عارضي پيءُ بڻايو، سندس ولديت جي آڌر تي  يونين ڪائونسل کڏ واري مان پيدائشي سرٽفڪيٽ حاصل پڻ ڪيو، جاري ٿيل پيدائشي سرٽيفڪيٽ ۾ رضم خان پٺاڻ افغاني شهري کي پنهنجو پٽ بڻايو، سانگهڙ جي نادرا آفيس مان شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا آفيس مان ٽوڪن پڻ حاصل ڪري ورتو، جيڪو پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتو، اهڙي خبر پنھنجي اخبار ۽  ٽائيم نيوز تي هلڻ کانپو علائقي جي سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، جن سوشل ميڊيا تي پوسٽون شير ڪندي لکيو ته ضلعي سانگهڙ ۾ افغاني پٺاڻن کي مقامي ماڻهن ۽ حد جي پوليس جي سهولتڪاري حاصل آهي، جنهن ڪري هو آساني سان يونين ڪائونسلن مان پيدائشي سرٽفڪيٽ حاصل ڪري دستاويز ٺهرائي رهيا آهن، افغاني پٺاڻن کي شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ بعد علائقي جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو ته افغاني پٺاڻن کي پناهه ڏيندڙ ۽ سهولتڪاري ڪندڙن کي جاچ ۾ شامل ڪري جاچ ڪئي وڃي،

منڍ جمڙائو کان اڇڙي ٿر تائين پوري پٽي ۾ افغانين جا ڪاروبار

ورڪشاپ: سانگهڙ شهر کان منڊ جمڙائو کان ويندي اڇڙي ٿر تائين پوري پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني پنهنجا ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ زرعي زمينون خريد ڪري ورتيون آهن، جتي هو بنا خوف جي آباد آهن ۽ پنھنجو  ڪاروبار ڪري رهيا آهن، علائقي واسين جاچ ڪندڙن ادارن کان گهر ڪئي ته ايمانداري سان جاچ ڪري غير قانوني طور رهندڙن کي افغانستان موڪليو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

يوسي کڏ واري جي انتظاميا جو رهائشي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعتراف

ورڪشاپ: يونين ڪائونسل کڏ واري جي سيڪريٽري نور بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جنهن شخص پيدائشي سرٽفڪيٽ حاصل ڪيو، ان جو رڪارڊ آفيس ۾ موجود ھوندو آھي،  ان ۾ هن پنهنجي 6 ٻارن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن رضا نالي ڇوڪري کي پڻ پنھنجو پٽ جاڻايو آھي، سندس ڪارڊ پڻ ھتان جو آھي، سندس گھرواري جو ۽ سندس والد جو پڻ ڪارڊ ھتان جو آھي، اسان وٽ ان شخص قسم نامو جمع ڪرايو آهي ۽ ٻن شاھدن جي شاهدي عيوض هو پيدائشي سرٽيفڪيٽ وٺي ويو آھي، ھاڻي ڄاڻايل ٻار هن جا  آھن يا افغاني آھن، ھو ان جو مامرو آھي، ايف آر سي پڻ نادرا کان تصديق ٿيل آهي جنهن تحت کيس پيدائشي سرٽفڪيٽ جاري ڪيو ويو هو.

پيدائشي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ بابت ڄاڻ ناهي: يوسي چيئرمين

ورڪشاپ: يوسي چيئرمين کڏ واري عليرضا آرائين ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس علم ۾ ناهي ته ان ڪنهن افغاني کي يونين ڪائونسل کڏ واري مان ڪو پيدائشي سرٽفڪيٽ وٺرائي ڏنو  آهي، ان مامري جي جاچ ڪرائي  وڃي ته سڀ شيون سامهون اچي وينديون، هو جاچ ڪندڙ ٽيم سان ڀرپور تعاون ڪندو.

افغاني ڀائر ٻن سالن کان علائقي ۾ ڪباب جو ڪاروبار ڪندا هئا

ورڪشاپ: ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي افغاني ڀائر گذريل ٻن سالن کان ورڪشاپ شهر ۽ گجري ۾ ڪباب جي ريڙهي لڳائي ڪاروبار ڪري رهيا هئا، ان کان اڳ سندن پيءُ به سانگهڙ ۽ خيرپور ضلعي جي چونڊڪو واري علائقي ۾ ڪاٺ جو ڪاروبار ڪندو هو، جيڪو ٻه سال اڳ ڪابل ويو ۽ پنھنجي پٽن کي ڪاروبار خاطر گجري ۾ ڇڏي ويو هو، جيڪي ڪمائي کيس رقم موڪليندا هئا.

Leave A Comment