وڏيري پنهنجي عدالت لڳائي: چوري الزام ۾ نينگر کي رسن سان ٻڌي تشدد

آڪٽوبر 21, 2023

تنگواڻي (رپورٽ: لطف سنڌي)تنگواڻي ويجهو وڏيري پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، ساريون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ نينگر کي رسن سان ٻڌي تشدد ڪيو

شبيرآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي مراد لاشاري ۾ ڳوٺ جي بااثر وڏيري شاھمراد لاشاري 10 ورھين جي عذير پٽ منظور لاشاري کي سارين جي جي چوري الزام ھيٺ رسن سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪيو

 حد جي پوليس نينگر کي پاڻ وٽ رکڻ کان انڪار ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، نينگر ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته صبح سوير مسجد وڃي رھيو ھيس ته ڳوٺ جي وڏيري منهنجو اڳ جھلي بنا جواز سارين جي چوري جو الزام هڻي رسن سان ٻڌي ڇڏيو ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو

 نينگر جي وارثن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر وڏيري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

Leave A Comment