فرينچ ليکڪ ادبي دنيا جي وڏي نالي والٽيئر جو ناول ڪنڊيڊ (Candide) باڪمال، شاندار ۽ ڇرڪائيندڙ ڪم آهي. هڪ اهڙي ڪهاڻي جيڪا ظاهري طور ته مزاحيه لطيف انداز ۾ پر تمام گَهِري طنز سان ڀرپور لکي وئي. ڪنڊيڊ کي اڄ به فلسفي، تاريخ، ادب، سماج، ۽ عقليت پسندي جي تنقيد جو هڪ اڻ مٽ شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو. ناول جي پسمنظر ۾ يورپ اندر مذهبي جنگين، سماجي بي انصافي، ۽ استبداد جو تسلط ڏيکاريو ويو آهي. هي اهو دور هو جڏهن سائنس، عقل ۽ منطق تي تمام گهڻا بحث جاري هئا. سماج ۾ رهندڙ ماڻهو ٻاهرئين قوتن جي دٻاءَ هيٺ پنهنجي سچائي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. اهڙي سماجي ۽ فڪري صورتحال ۾ والٽيئر، ڪنڊيڊ جهڙو ناول لکيو، جيڪو مذهب، فلسفي، حڪمرانن، ۽ دنياوي نظارن کي اڳيان رکي انهن تي تنقيد ڪري ٿو.
ناول جي بنيادي فلسفي ۾ پيغام آهي ته زندگي ڪنهن ڪتابي نظريي تي نه هلندي آهي، پر اها هر انسان جي تجربن، آزمائش، ۽ عملن جي نتيجي ۾ ٺهندي آهي. ناول جي هڪ ڪردار پانگلوس جي ‘بهترين دنيا’ جي نظريي کي والٽيئر ناول جي ڪيترين حقيقتن سان ٽوڙيو ۽ چيلينج ڪيو آهي. زندگي جي آفتن، مصيبتن، جنگين، ۽ ظلمن کي ڏسندي، والٽيئر پڙهندڙن کي اهو سيکارڻ چاهي ٿو ته اسان کي پنهنجي زندگيءَ کي صرف لفظن يا فلسفن ۾ گم نه ڪرڻ گهرجي، پر عمل سان بهتر بڻائڻو آهي. ناول جو سڀ کان اهم فلسفي وارو جملو هي آهي ته، “اسان کي پنهنجو باغ اجاڙڻو نه پر سنڀالڻو پوندو”. بظاهر هي جملو سادو معلوم ٿئي ٿو پر ان جي اندر هڪ فڪري سچائي عيان آهي. والٽيئر سڌي ڳالهه ڪري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته: “زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڏن ڳالهين يا نظرياتي مباحثن ۾ گم ٿيڻ بدران، پنهنجي ڪم ۽ فرض کي انجام ڏيڻ گهرجي”. هي باغ ڪو اصل کيتي نه پر اسانجي زندگي، ڪم ۽ ذميدوارين جو استعارو آهي. ناول ۾ انسان جي پنهنجي زندگي، پنهنجي ذميواري، پنهنجي ڪم، محنت ۽ اخلاقي فرض جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. والٽيئر ٻڌائي ٿو ته دنيا کي سمجهڻ لاءِ وڏن فلسفي جي بحثن ۾ گم ٿيڻ بدران، انسان کي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪرڻ گهرجي. هي اقتباس عمل جي فلسفي (Philosophy of Action) کي هٿي ڏئي ٿو، جيڪو صرف سوچڻ بدران ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.
ناول ۾ ان ڪمال جي جملي کانسواءِ ٻيا فلسفا به ملن ٿا مثال طور: ‘هر شيءِ بهتريءَ لاءِ آهي، ڇو ته هي بهترين ممڪن دنيا آهي’. هي خيال ناول جي هڪ ڪردار پانگلوس جو آهي، جيڪو وري جرمن فلسفي لائبنز جي ‘اميد’ مان متاثر نظر اچي ٿو. پانگلوس هر مصيبت، ظلم ۽ آفت کي به ’بهترين نتيجي‘ سان جوڙي ٿو، پر والٽيئر ان خيال جا طنزيه انداز ۾ بَکيا اُڊيڙي ڇڏيا آهن. هن جي خيال موجب جنگيون ٿين ٿيون، عورتن سان ظلم ٿئي ٿو، زلزلا، قتل، بک ۽ غلامي آهي، ٻارڙا محفوظ ناهن، هي دنيا دوزخ ٿي وئي آهي؛ ان سڀ جي باوجود جيڪڏهن ڪو چوي ته، “هر شيءِ بهترين آهي” ته اهو انساني تڪليفن سان بيحسي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. والٽيئر چئي ٿو اکيون پوري رڳو اميد ڪرڻ هڪ خطرناڪ عمل آهي، ڇو ته اها ظلم کي به جائز بڻائي ڇڏي ٿي.
ناول ۾ پانگلوس جي هڪ ٻي سوچ پڻ ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هو چئي ٿو ته، “فرد جون مصيبتون مجموعي ڀلائي لاءِ ٿين ٿيون”. پانگلوس هن فلسفي ۾ ٻڌائڻ چاهي ٿو ته جيڪڏهن ڪو فرد تڪليف ۾ آهي ته شايد سماج يا ڪائنات کي ڪو فائدو ٿي رهيو آهي. والٽيئر ان خيال کي به سختي سان رد ڪري ٿو. هو چئي ٿو ته ڪنهن معصوم جي تڪليف کي ‘عام ڀلائي’ جو نالو ڏيڻ، ظلم کي فلسفي سان ڍڪڻ جي برابر آهي. هو ان خيال کي ماڻهن جي دردن کي غيرانساني تشريح سان تعبير ڪري ٿو. والٽيئر چوي ٿو ته ‘ڏک’ کي ‘ڏک’ طور قبول ڪيو وڃي، نه ڪي فلسفي سان جواز ڏنو وڃي. انهن خيالن سان گڏ هو ڪنڊيڊ جي عملي تجربي مان نڪتل هڪ سوچ ‘زندگي مصيبتن جو هڪ سلسلو آهي’ جو اظهار پڻ ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته جڏهن مختلف ملڪن ۾: جنگ، بُک، فريب، مذهبي انتهاپسندي وغيره. ڏسي ٿو، تڏهن هن جو اهو معصوم تصور ٽٽي پوي ٿو. انهن منظرن ۾ والٽيئر حقيقت پسندي پيش ڪري ٿو. هو چئي ٿو ته زندگي نه مڪمل خوشي آهي نه مڪمل ڏک پر آزمائشن جو سلسلو آهي. ان ڪري ناول جي هن اقتباس کي نا اميديءَ جو اعلان نه ٿو سمجهيو وڃي پر زندگيءَ جي حقيقت کي قبول ڪرڻ جو اشارو آهي. حقيقت قبول ڪرڻ کان پوءِ ئي انسان عملي قدم کڻي سگهي ٿو.
ناول جو هڪ اقتباس آهي ته، “گهڻي فلسفي کان بهتر آهي ڪم ڪرڻ”. هي سٽ اصل ۾ والٽيئر جي عملي سوچ کي چٽو ڪري ٿي. هو چوي ٿو ته: بي انتها سوچ، بي مقصد بحث، بي نتيجي فلسفو… اسان کي ڪم کان روڪي ٿو. والٽيئر هتي جديد دور جي انسان کي به پيغام ڏئي ٿو ته: عمل کان سواءِ سوچ بيڪار آهي. هي خيال خاص طور تي اڄ جي دنيا ۾ اهم آهي، جتي ماڻهو ڳالهائين گهڻو ٿا پر عمل گهٽ ڪن ٿا. ساڳئي سلسلي کي وڌائيندي والٽئير لکي ٿو: انسان خوش ٿيڻ لاءِ نه، پر عمل ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي. هن سَٽ ۾ پڻ يورپ جي ان عظيم ڏاهي جو انساني تصور کي ظاهر ڪري ٿي. خوشي ڪا تيار شئي ناهي جيڪا انسان کي ملي وڃي، پر؛ اها عمل مان جنم وٺي ٿي. ذميواري مان پيدا ٿئي ٿي. والٽيئر هتي ذميوار انسان جو تصور ڏئي ٿو. هڪ اهڙو اهڙو انسان جيڪو، دنيا جي برائي ڏسي خاموش ٿي به ويهي، هن کي گهرجي ته پنهنجي حد اندر سٺو ڪم ڪري.
جيڪڏهن پاڻ ناول ڪينڊيڊ جو مجموعي طور تجزيو ڪنداسين ته والٽئير جي هن فڪري پيغام تائين آساني سان پهچي وينداسين:
* دنيا مڪمل ناهي.
* فلسفو انسان کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، پر تڪليف ختم نٿو ڪري.
* اصل نجات عمل، محنت ۽ ذميواري ۾ آهي.
* ’پنهنجو باغ پوکڻ’ ئي انساني وقار جي سچي صورت آهي.
ان ڪري هن شاندار ناول جا نه فقط جملا خوبصورت آهن، پر اهي حقيقي طور: انساني شعور لاءِ آئينو آهن. بي حسي، اندهي اميد ۽ جعلي فلسفي خلاف احتجاج آهن. انهن جملن ۾ والٽيئر اسان کي سيکاري ٿو ته: وڏيون ڳالهيون ڪرڻ کان بهتر آهي، انسان پنهنجو ننڍڙو ڪم ايمانداري سان ڪري.
هن مضمون ۾ هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا والٽيئر کان اڳ دنيا ۾ ماڻهن اهڙيون ڳالهيون ڪيون؟ ته ان جو جواب ‘ها’ ۾ آهي. والٽيئر کان اڳ به دنيا ۾ ڪيترن مفڪرن، اديبن ۽ فلاسفرن ساڳي نوعيت جون ڳالهيون ڪيون هيون، پر والٽيئر جي خاصيت اها آهي ته هن انهن خيالن کي سادي، طنزيه ۽ عام انسان جي سمجهه ۾ ايندڙ ڪهاڻي جي صورت ۾ پيش ڪيو. مثالطور: قديم يونان ۾ ارسطو چيو ته فضيلت رڳو سوچڻ سان نه، پر عمل سان حاصل ٿئي ٿي. سندس ‘اخلاقيات’ جو بنياد ئي عملي زندگي آهي. اهو پڻ ته انسان کي دنيا تي ڪنٽرول ناهي، پر پنهنجي عمل ۽ رويي تي ضرور آهي. يعني ذميواري اندروني يعني ٻاهرين حالتن کان مٿانهين هجڻ گهرجي. ڪنفيوشس چين ۾ سيکاريو ته سماج سڌارڻ لاءِ وڏا نظريا نه، پر فرد جي روزاني ذميواري، محنت ۽ اخلاق ضروري آهن. پاسڪل (والٽيئر کان اڳ) عقل جي حدن تي ڳالهائيندي چيو ته انسان کي عملي ايمان ۽ اخلاقي ذميواري اختيار ڪرڻي پوندي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته والٽيئر نئون خيال پيدا نه ڪيو، پر پراڻين انساني سچائين کي جديد دور جي بي رحم حقيقتن سان ٽڪرائي، انتهائي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو.