وڏي سياسي تبديلي: رنجشون ختم ڪريو، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ فضل الرحمان وٽ پهچي ويا

آڪٽوبر 27, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جا ٻه اهم اڳواڻ اسد قيصر، علي محمد خان، بيرسٽر سيف ۽ جنيد اڪبر مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي ساڻس ملاقات ڪئي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان سان سس جي انتقال تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن  ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ذريعن موجب پي ٽي آءِ وفد فضل الرحمان جي سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي موقف کي ساراهيو، مولانا فضل الرحمان چيو ته سياسي اختلاف راءِ کي سياسي اختلاف بڻائڻ نقصانڪار آهي، سياسي پارٽين جي انتشار سان ملڪي مسئلن جو حل ممڪن ناهي، بيرسٽر سيف چيو ته رنجشون ختم ڪرڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان وٽ وياسين، ذاتي رنجشون ختم ڪري سياسي مخالفت ٿيڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورين پارٽين کي برابر موقعا ملڻ گهرجن، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن مولانا فضل الرحمان جي امامت ۾ نماز به ادا ڪئي، علي محمد خان چيو ته فضل الرحمان سان تعزيت ڪرڻ وياسين، سياسي ڳالهيون نه ٿيون

Leave A Comment