وڏي عمر-وڏو تجربو، آمريڪي عورت وڏو رڪارڊ ٺاهي ورتو

وڏي عمر-وڏو تجربو، آمريڪي عورت وڏو رڪارڊ ٺاهي ورتو

ڪيلفورنيا(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ “يوني سائيڪل گريني” جي نالي سان مشهور هڪ عورت سڀ کان وڏي عمر واري يوني سائيڪل هلائيندڙ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڪيلفورنيا سان تعلق رکندڙ لِنڊا جيريٽ هي رڪارڊ 69 سال ۽ 189 ڏينهن جي عمر ۾ حاصل ڪيو. لنڊا (جيڪا 10 سالن جي عمر کان يوني سائيڪل هلائي رهي آهي) پهريون ڀيرو هي رڪارڊ جنوري 2023 ۾ 66 سال ۽ 234 ڏينهن جي عمر ۾ حاصل ڪيو هو  ۽ هاڻي هن ڊسمبر 2025 ۾ “دي نٽ ڪريڪر” جي هڪ پيشڪش ۾ حصو وٺي پنهنجو ئي رڪارڊ وڌيڪ بهتر بڻائي ڇڏيو. لِنڊا جيريٽ شاگردي جي دور ۾ فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي جي فلائنگ سرڪس ۾ پرفارم ڪيو، جنهن کان پوءِ هن سرڪس ۾ باقاعده ڪيريئر ٺاهيو ۽ پوءِ هالي ووڊ ۾ اسٽنٽ پرفارمر طور پڻ ڪم ڪيو. هوءَ هاڻ به مختلف هنڌن تي پنهنجي يوني سائيڪل هلائڻ جو فن ڏيکاري ٿي. هن گنيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو يوني سائيڪل سکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ صلاح آهي ته تمام ننڍي عمر کان شروعات ڪن ۽ ڪڏهن به نه رڪجن.