وڏي عيد تي عوام لاءِ وڏي خوشخبري: پاڪستان ڏيوالي کان بچي ويو: آءِ ايم ايف 3 ارب ڊالر ڏيندو: معاهدو ٿي ويو

جُولاءِ 1, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) وڏي عيد تي عوام لاءِ وڏي خوشخبري، پاڪستان ڏيوالي کان بچي ويو، آءِ ايم ايف پاڪستان کي 3 ارب ڊالر قرض ڏيندو، معاهدو ٿي ويو

تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن رنگ لاٿو، شهباز شريف جي عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊي سان لاڳيتو چئن ملاقاتن ۽ رابطن بعد  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 9 مهينن لاءِ 3 ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ معاهدو طئه ٿي وي، حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي صحيُون ڪري ورتيون آهن

ٻنهي ڌرين وچ۾ اسٽاف ليول معاهدي تي صحيحون ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي 12 جولاءِ تي گڏجاڻي ٿيندي جنهن ۾ منظوري ملڻ بعد پاڪستان کي قرض جي مرحليور قسط جاري ڪئي ويند

 وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شڪر آهي جو ملڪ ڏيوالي کان بچي ويو، پئرس ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي، 9 مهينن لاءِ 3 ارب روپين جو پروگرام طئه ٿيو آهي، 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف بورڊ جي اجلاس بعد قسطون ملڻ شروع ٿينديون

لاهور ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته  چين ٽن مهينن ۾ پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو، گڏيل ڪوششن سان 2 ارب ڊالرز سعودي عرب ۽ هڪ ارب ڊالرز يُو اَي اِي مان آيا، اهو قرض وٺرائڻ ۾ آرمي چيف جون ڪوششون به شامل آهن، عوام دعا ڪري ته هي آخري آءِ ايم ايف پروگرام هجي، خدا ڪري وري آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي، سختيون ضرورت ٿينديون، پر اُهي اشرافيا لاءِ هونديون

وزير اعظم چيو ته مُدو پورو ٿيندي ئي اسان حڪومت ڇڏي ڏينداسين، چونڊون ڪرائڻ ۽ اُن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، 9 مئي جا واقعا به پاڪستان کي ڊفالٽ ڏانهن ڌڪڻ وارين سازشن جو حصو هئا

هن چيو ته پاڪستان کي برباد ڪرڻ جي سازش ۾ اندر ۽ ٻاهر دوست نما دشمن ملوث هئا، سندن ڪوشش هئي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ۽ پاڪستان ڊفالٽ ڪري، 9 مئي وڏو شِر هو، خير ٿيو جو مڪروهه چهرا سامهون اچي ويا

سندس چوڻ هو ته  پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ 6 مهينا دير ڪئي، پوءِ وري معاهدي جا بخيا اڍيڙيا، ملڪ کي عدم استحڪام جي ور چاڙهڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو، ملڪ دشمني جو اِن کان وڌيڪ بدترين مثال نٿو ملي

شهباز شريف چيو ته قرض مان جان ڇڏائڻي آهي ته نار جي ملڪن مان سيڙپڪاري گهرائڻي پوندي، زراعت، معدنيات ۽ سمال انٽرپرائيزز ۾ نار مان سيڙپڪاري آڻينداسين، ٽيڪنالوجي ۽ مشينري لڳائينداسين، اُن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ اسان کي فائدو ٿيندو

وزيراعظم چيو ته سيڙپڪاري سان اسان کي نفعو ڊالرز ۾ نه ڏيڻو هوندو، ڇو ته سندن سيڙپڪاري تيار مال جي صورت ۾ ڏيساور ويندو

 ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته پنهنجا سمورا واعدا پاڙينداسين، جيڪا تباهي ٿي آهي، اُن کي رِڪوَر ڪرڻو آهي، اسان به چاهيو پئي ته آءِ ايم ايف سان 9 مهينن لاءِ معاهدو ٿئي

سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم قوم تي 215 ارب روپين جو ٽئڪس لڳائڻ کان لنوائي رهيو هو، آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ها ته پلان بي موجود هو، پلان بي ۾ به پاڪستان ڊفالٽ نه ڪري ها، ملڪ ۾ جهموريت جيان مالياتي نظم و ضبط به ضروري آهي

Leave A Comment