وڏي وزير، اسپيڪر سميت ڪي پي جا 92 مان 70 ايم پي ايز پوليس کي گهربل

وڏي وزير، اسپيڪر سميت ڪي پي جا 92 مان 70 ايم پي ايز پوليس کي گهربل

پشاور (م ڊ)  خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 92 مان 70 ميمبر وفاقي پوليس کي گهربل آهن. پي ٽي آءِ جي 70 ايم پي ايز جي خلاف  اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن. سڀني کان وڌيڪ ڪيس اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف آهن. اسلام آباد پوليس ماضي ۾ داخل ڪيس جا تفصيل جمع ڪري ورتا جنهن ۾ دهشتگردي، پوليس، رينجرز اهلڪارن جي قتل جهڙا سنگين قلم شامل آهن. پي ٽي آءِ جي اڪثر ايم پي ايز اڃا تائين ڪنهن به عدالت مان ضمانت نه ڪرائي آهي. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير اسلام آباد پوليس کي 11 ڪيسز ۾ گهربل آهي. سهيل آفريدي تي 7 اي ٽي اي ۽ پوليس اهلڪارن تي حملي جا ڪيس داخل آهن. سڀني کان وڌيڪ 52 ايف آءِ آرز اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تي آهن. رڪارڊ موجب ڪيسز 18 مختلف ٿاڻن ۾ 2022 کان نومبر 2024 تائين داخل ڪيا ويا. ڊپٽي اسپيڪر ثريا بي بي تي نومبر 2024 ۾ پرتشدد مظاهري جي قيادت جو ڪيس داخل ٿيل آهي. پوليس رڪارڊ موجب خيبرپختونخواهه جي بلديات واري وزير ۽ هائر ايجوڪيشن واري وزير مينا آفريدي تي 4 ڪيس داخل ڪيا ويا. مينا آفريدي تي گولڙه، آبپاره، نون ۽ سيڪريٽريٽ ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سواتي خلاف اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي جڏهن ته صوابي جي مشهور شخصيت فيصل ترڪئي 7 اي ٽي اي جي تحت ڪيس ۾ نامزد آهي. پوليس رڪارڊ موجب اسد قيصر جي ڀاءُ عاقب الله تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.