| وڏي وزير جو تڪ سيوهڻ منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو، شراب، آئيس سرِ عام وڪرو |
سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪمن کي سندن ئي چونڊ تڪ جي پوليس عملدارن هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي جنهن بعد وڏي وزير ۽ اولياء الله قلندر لال شھباز جو شهر سيوهڻ منشيات جي وڪري ۽ واھپي جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سيوهڻ پوليس ۽ 15 مددگار پوليس جي هوندي شهر جي مختلف علائقن ۾ مضرِ صحت سوپاريون، مين پڙهي، گٽڪو، شراب، چرس، ھيروئن، آئيس، آفيم ۽ ڀنگ سميت ٻين منشيات جي شين جي وڪرو سرعام جاري آهي، جنهن سبب شهر جا سوين نوجوان ۽ شهري نشي آور شين جا عادي بڻجي ويا آهن ۽ منشيات جي استعمال سبب سوين نوجوانن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن ۽ نوجوان نسل تيزي سان تباهي طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته ڪيترا نوجوان ڪئنسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ بعد موت جي منھن ۾ وڃي چڪا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته منشيات فروشن خلاف پوليس ڪارروائيون نه ٿيڻ سبب منشيات جي وڪري ۾ تيزيء سان اضافو رڪارڊ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وڏن سان گڏ شهر جا معصوم ٻار به نشي آور شين جا عادي بڻجي ويا آهن، جيڪي اسڪولن ۽ ڪاليجن وڃڻ بدران جوا جي اڏن، ميخانن ۽ ڪچي شراب جي بٺين تي وقت گذارين ٿا، شهر جي اهم شاهراهن ۽ علائقن جهڙوڪ جهاز چوڪ، اسٽيشن محله، بندر محله، کوسا محله، مڪراني محله، نيو بس اسٽاپ، پراڻو بس اسٽاپ، ڳوٺ لونگ داروغو سميت ٻين علائقن ۾ ڪچي شراب جا اڏا، مين پڙي ۽ گٽڪي، هيروئن، آئيس، آفيم، ڀنگ جا اڏا قائم آهن، مضرِ صحت سپاريون زيد 21، راجا بابو سميت ٻين منشيات جي شين جي سرعام وڪرو جاري آهي،
| شهر ۾ پوليس سرپرستي ۾مين پڙي گٽڪو وڪامي ٿو: پوليس ذريعا |
سيوهڻ : سيوهڻ ۾ مقرر ٿيل هڪ پوليس اھلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي بنياد تي ٻڌايو ته اهو سچ آهي ته سيوهڻ ۾ پوليس جي سرپرستي هيٺ شراب، مين پڙهي، گٽڪو، هيرون، آئيس، آفيم ۽ ڀنگ سميت سميت ٻين منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن ۽ منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، هن چيو ته اها پوليس جي مجبوري آهي ڇو ته سڄو خرچ اعليٰ عملدارن تائين پهچايو وڃي ٿو ۽ منشيات جو ڪاروبار بااثر ماڻهو ڪن ٿا، جيڪڏهن انهن خلاف ڪيس داخل ڪجي ٿو ته اهي عدالت مان آزاد ٿي وڃن ٿا، اسان مجبور آهيون، ان ڪري بااثر ماڻهن خلاف ڪيس داخل نٿا ڪري سگھون. ٻئي طرف انڪشاف ٿيو آهي ته سيوهڻ شهر جي مختلف محلن، گهٽين ۽ ڪالونين ۾ 20 کان وڌيڪ ڪچي شراب جون بٺيون، گٽڪي جا اڏا ۽ مين پڙي جا ڪارخانا ھيرون، آئيس، آفيم ۽ ڀنگ جا اڏا موجود آهن.سيوهڻ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪامريڊ اڪبر ملاح, نواز علي رند ۽ ٻين سيوھڻ شھر اندر منشيات جي وڪري ۾ اچانڪ واڌ اچڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي نوجوان نسل جي تباهي جو ذميوار پوليس انتظاميه کي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته پوليس جي سرپرستي هيٺ منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن، جنهن سبب نوجوان نسل جون زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن، پر اعليٰ عملدار ڪو به نوٽيس نٿا وٺن، شهرين وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته سيوهڻ شهر ۾ پوليس جي سرپرستي هيٺ هلندڙ منشيات جا اڏا بند ڪرايا وڃن، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي ۽ منشيات خلاف ڪارروائي نه ڪندڙ عملدارن کي هٽائي ڪو ايماندار اھلڪار مقرر ڪيا وڃن، جيڪو منشيات جو مڪمل خاتمو ڪرائي سگهي.
منشيات وڪرو روڪڻ لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، ڪجهه منشيات فروش گرفتار به ڪيا آهن: ڊي ايس پي
سيوھڻ: قلندر جي نگري ۾ منشيات جي وڌندڙ ڪاروبار بابت رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي سيوھڻ فراز ميتلو چيو آهي ته منشيات جي وڪري کي روڪڻ لاء پوليس مختلف وقتن تي ڇاپا ھڻي ڪجهه منشيات فروشن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ وڌيڪ ڪاروائي جاري آهي.