وڏي وزير جو ريڊ لائين جو چوٿون دورو: شاهراهه ڀٽو کي ڪي پي ٽي سان ملائڻ جو اعلان

وڏي وزير جو ريڊ لائين جو چوٿون دورو: شاهراهه ڀٽو کي ڪي پي ٽي سان ملائڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه جو ريڊ لائين منصوبي جو نمائش کان موسميات تائين چوٿون دورو، ڪم ۾ تيزي  آڻڻ جي هدايت،  وڏي وزير سان صوبائي وزير سعيد غني، ميئر مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻيا گڏ هئا، وزيراعليٰ  ريڊ لائين ۽ لاڳاپيل رستن جو تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، وڏي وزير نيپا تي مڪسڊ ٽريفڪ روڊ جي تعمير جو جائزو ورتو ۽ ان بابت بريفنگ به ورتي ، وڏي وزير ريڊ لائين جي راهه ۾ ايندڙ گئس ۽ بجلي جي لائينز جي منتقلي تيز ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، هن مختلف ڊرينز ۽ ٻين تعميراتي منصوبن جو به جائزو ورتو،بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي رٿا جو شاهه فيصل انٽرچينج کان ڪاٺوڙ انٽرچينج تائين دورو ڪيو، هن  مختلف انٽرچينجز ۽ فلاءِ اوورن تي ھلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. وڏي وزير ياد ڏياريو ته هن ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي عظيم پورا فلاءِ اوور 100 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، انهي مهلت جا 61 ڏينهن گذري چڪا آهن. ميئر ڪراچي خاطري ڏياري ته رٿا کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو. مراد علي شاهه ڊملوٽي ۽ دمبا ڳوٺ انٽرچينجز جو پڻ معائنو ڪيو ۽ اختيارين کي هدايت ڪئي ته باقي رهيل ڪم هڪ هفتي اندر مڪمل ڪيا وڃن. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومرو وڏي وزير کي ٻڌايو ته شاهراهه ڀٽو رٿا تي مجموعي طور 93 سيڪڙو فزيڪل ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي،  رٿا 30 جون 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو جا باقي سڀ ترقياتي ڪم مئي جي ٽئين هفتي تائين مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو کي ڪراچي پورٽ سان ملائيندڙ رٿا لاءِ پيڙھھ جو پٿر ايڪسپريس وي جي افتتاحي تقريب سان گڏ رکيو ويندو. هن زور ڀريو ته ڪراچيءَ جون ترقياتي رٿائون غير ضروري دير کانسواءِ مڪمل ڪيون وڃن