Home » وڏي وزير جو ملير جي سامونڊي علائقن جو اوچتو دورو، جائزو ورتو
وڏي وزير جو ملير جي سامونڊي علائقن جو اوچتو دورو، جائزو ورتو
جُون 13, 2023
ملير ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، ملير ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ ترسايو ويندو
وڏو وزير سيد مراد علي شاھ بنا پروٽوڪول جي ملير جي ساحلي پٽي ريڙھي ڳوٺ, ابراهيم حيدري چشما ڳوٺ پهچي سامونڊي طوفان جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو
ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار متاثرن لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ملير ٺٽو,بدين سجاول ضلعن جي انتظاميا کي سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن
وڏي وزير چيو ته ملير جي 15 هزار کان وڌيڪ متاثرن کي سامونڊي پٽي جي اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ رهائڻ لاء بندوبست ڪيو ويو آھي