وڏي وزير جي نوٽيس بعد ٽنڊوآدم ۾ ٻن ڀينرن سميت 4 ٻارڙا بازياب، امڙ حوالي

وڏي وزير جي نوٽيس بعد ٽنڊوآدم ۾ ٻن ڀينرن سميت 4 ٻارڙا بازياب، امڙ حوالي

ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) وڏي وزير جي نوٽيس وٺڻ بعد ٽنڊوآدم مان مبينا اغوا ڄاڻايل ٻن ڀينرن سميت 4 ٻارڙا بازياب، عدالت ۾ پيش، امڙ حوالي رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جي نوٽيس وٺڻ بعد ٽنڊو آدم جي غوري ٽائون واري علائقي ۾ بي سيڪشن پوليس ڪجهھ ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ ھاف فراءِ ڪيل منشيات فروش  علي شير خاصخيلي جي گهر تي ڇاپو هڻي مبينا اغوا ڄاڻايل ٻن ڀينرن سميت 4 ٻارڙا جن ۾ 18 ورهين جي ناري ثانيه خاصخيلي، 8 ورهين جي نينگري هانيه خاصخيلي، 10 ورهين جي نينگر عبدالله خاصخيلي ۽ 12 ورهين جي نينگر غلام اڪبر خاصخيلي کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس موجب بازياب ڪرايل ٻن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن کي سول جج ٽو مهتاب رميز جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کين سندن خواهش تحت پنهنجي امڙ مسمات سيما خاصخيلي حوالي ڪري ڇڏيو. واضع رهي ته اربع واري رات سٽي ٿاڻي اڳيان چئن ٻارن جي بازياب نه ٿيڻ تي سندن امڙ مسمات سيما خاصخيلي پوليس خلاف احتجاج ڪندي پئٽرول هاري پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي اتي موجود ماڻھن روڪي ورتو، جڏهن ته مسمات سيما خاصخيلي پنهنجي منشيات فروش مڙس علي شير خاصخيلي تي الزام هنيو هو ته هن سندس ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آھي، واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي هئي ۽ چئني ٻارن کي جلد بازياب ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون جنهن بعد پوليس ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ ڪاروائي ڪري چئني ٻارن کي بازياب ڪرائي ورتو. هوڏانهن بازياب ڪرايل ٻارڙن جي منشيات فروش والد علي شير خاصخيلي کي ڪجهھ ڏينهن اڳ بي سيڪشن پوليس مبينا مقابلو ڄاڻائي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. پوليس موجب سندس مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن. ذريعن موجب منشيات فروشن خلاف پوليس ڪارواين دوران هو روپوش ٿي ويو هو جنهن کي بعد ۾ پوليس مبينا مقابلو ڄاڻائي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو. ذريعن موجب علي شير خاصخيلي جون 2 شاديون ٿيل آھن هو پنهنجي ٻئي گهرواري سان گڏ رهندو ۽ گهريلو تڪرار سبب هن پنهنجي پهرين گهرواري سيما خاصخيلي کان سندس چار ئي ٻار مبينا طور ڦري گم ڪري ڇڏيا هئا ۽ کيس گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد هوءَ پنهنجي مائٽن وٽ رهندي هئي. ٻارن جي بازيابي لاءِ سيما خاصخيلي مختلف هنڌن تي دانهيو پر انصاف نه ملڻ بعد پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي.