| وڏي وزير پاران پي ڊي ايم اي ۽ مڪاني ادارن کي الرٽ رهڻ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سڀني مڪاني ادارن، پي ڊي ايم اي ۽ ڪراچي جي 25 ڊي ايم سيز کي فوري طور ميدان ۾ نڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي اهم شاهراهن ۽ هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪيو وڃي، جڏهن ته واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن سڀني پمپنگ اسٽيشنز تي مشينري ۽ جنريٽرز کي فعال رکي، ڪراچي جي سڀني انڊر پاسز ۾ پمپس هر وقت فعال رکيا وڃن، هن ٽريفڪ پوليس کي برسات دوران ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ اضافي نفري مقرر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ـ مراد شاهه هدايت ڪئي ته امدادي ڪمن ۽ پاڻي جي نيڪال ۾ سستي يا غفلت ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي۔