| وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا: پني عاقل ۾ جنگا مهر_مرڻاڻي جتوئي تڪرار ۾ هاري مارجي ويو |
پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي ڪچي ۾ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي ڌرين ۾ فائرنگ تان ھارپو ڪندڙ نوجوان مارجي ويو. کڏھڙي ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ جتوئين جو هاري سيد احسان عرف فراز شاھ مارجي ويو ، مقتول نوجوان جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل رھيو ، ڏھن ڪلاڪن کانپوءِ وارثن پھچي لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو جتان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي قمبر شهدادڪوٽ کڻائي ويا مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته خبر ناھي تہ اسانجي نوجوان ڪنھن ماريو آھي وارثن پاران سکر پوليس کان قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آھي ٻي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته جنگا مھر ڌر جي ھٿياربندن سيد نوجوان کي جتوئي سمجھي قتل ڪيو آھي جڏھن ته کڏھڙي پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون ، واضح رھي ته جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي ڌرين ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي تان شروع ٿيل جھيڙي ۾ 15 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. تڪرار جي خاتمي لاءِ رٿيل فيصلو ملتوي ٿيڻ کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.