| وڪيلن جي ٻن گروپن جي ماڻهن جا هڪٻئي تي الزام |
سکر: سکر ڊسٽرڪٽ بار ۾ خانگي ماڻهو جن کي وڪيلن پوليس حوالي ڪيو. ذريعن موجب انهن ۾ پ پ سپاف شهيد بينظير آباد جو اڳواڻ ميراج گوپانگ، پ پ يوٿ ونگ شهيد بينظير آباد اختر رند، سپاف جو ڊويزنل صدر خالد گل لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. نوشهروفيروز بار جي اڳواڻ وڪيل محمد اياز منگي ۽ وڪيل خان بهادر ڀٽي سکر ڊسٽرڪٽ بار جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته اسان جي وڪيلن کي بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، اِن سان گڏ وڪيلن کي گم ڪيو ويو آهي. جنهن خلاف قانوني رستو اختيار ڪندا. ٻئي طرف وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ، عبدالرحمان ڪورائي، ايڊووڪيٽ همايون شيخ، وڪيل ڪي بي رند چيو ته ڪنوينشن ۾ ڏڦيڙ پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا وڪيلن بردباري ۽ تحمل سان ناڪام بڻائي ڇڏي. مخالف بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، اِنهن کي پنهنجي عملن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي اِن ڪري اِن قسم جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. وڪيل ڪي بي رند الزام مڙهيو ته صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار جي ماڻهن بدنظمي پيدا ڪئي. پ پ سان تعلق رکندڙ اختر رند ۽ ٻيا اِن بدنظمي جا ذميوار آهن. اِن حوالي سان عامر نواز وڙائچ اسٽيج تي تقرير ڪندي چيو ته جيڪڏهن گرفتار ٿيلن ۾ ڪو وڪيل هوندو ته اُن کي ڇڏيو ويندو، جيڪڏهن خانگي ماڻهو هوندو ته قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو.