وڪيلن سان زيادتيون: دادو بار پاران اڄ عدالتي وهنوار معطلي جو اعلان

وڪيلن سان زيادتيون: دادو بار پاران اڄ عدالتي وهنوار معطلي جو اعلان

دادو(رپورٽر) ضلع دادو بار ايسوسيئيشن پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته اڄ 8 نومبر تي ضلع جي سڀني عدالتن جو ڪم معطل ڪيو ويندو. هي فيصلو سنڌ بار ڪائونسل سان مڪمل يڪجهتي ۽ شڪارپور جي وڪيلن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج طور ڪيو ويو آهي، بار ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، ايڊووڪيٽ گلراز هڪڙو جي گرفتاري ۽ سيڪشن 228 پي پي سي تحت داخل ڪيل ڪيسن کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي اختيارن جو غلط استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ضلع دادو بار ايسوسيئيشن سڀني وڪيلن کي هدايت ڪئي آهي ته هو اڄ عدالتن ۾ پيش نه ٿين، جڏهن ته عدالتن کي پڻ اپيل ڪئي وئي آهي ته وڪيلن جي غيرحاضري ۾ ڪو به حڪم جاري نه ڪيو وڃي، ان موقعي تي صدر ضلع دادو بار ايسوسيئيشن ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگھيو چيو ته احتجاج جو مقصد وڪيل برادري جي وقار، آزادي ۽ قانون جي بالادستي جو تحفظ ڪرڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته دادو جا وڪيل شڪارپور جي وڪيل برادري سان مڪمل يڪجهتي ۾ گڏ آهن ۽ قانوني جدوجهد جاري رکي ويندي.