وڪيلن لاءِ هائوسنگ منصوبن جو اعلان، علاج جي به سهولت

مَي 27, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ 63 اي جي جيڪا تشريح ڪئي هئي اها درست ناهي اهڙي ڳالهه هن وڪيلن کي خطاب دوران ڪئي

وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي بار جي نون عهديدارن کي حلف کڻائڻ لاءِ سٽي ڪورٽ پهتو وڪيلن جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي وڏي وزير جي آجيان ڪئي

وزيراعليٰ مراد شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عدليه آئين کان مٿانهين ٿي ڪري فيصلا ڪندي ته پوءِ اسان کي به تبصرا ڪرڻ جو حق آهي

هن چيو ته وڪيلن جي تنظيمن سان گڏجي ڪوشش رهندي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي وڪيلن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون

مراد شاهه چيو ته وڪيلن کي علاج جون سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون وڪيلن لاءِ جلد هائوسنگ منصوبن لاءِ به مشاورت ڪنداسين

Leave A Comment