وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ اسپتال مان فارغ: جوابدار آجا، ڪيس داخل: مختلف شهرن ۾عدالتي بائڪاٽ
اپريل 10, 2025
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ۽ عرفان شاهه) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جي حالت ۾ بهتري اچڻ بعد کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو، 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار 5 جوابدارن نمائش چورنگي کان عامر نواز جي گاڏي جو پيڇو ڪيو، جوابدارن آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪيفي بوگي وٽ عامر نواز وڙائچ تي حملو ڪيو، بعد ۾ ٽاور ڏانهن فرار ٿي ويا، جوابدارن جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف عامر ورائچ تي حملي خلاف ڪراچي ۾ وڪيلن سنڌ هاءِڪورٽ ۽ ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ هڙتال ڪري ڇڏي، وڪيل اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جا دروازا بند ڪري ڪنهن به وڪيل يا سائل کي اندر اچڻ جي اجازت نه ڏني، هڙتال سبب وڪيل ڪيسن جي پيروي لاءِ عدالتن ۾ پيش نه ٿي سگهيا، هڙتال سبب عدالتن ۾ ڪيس به نه هليا، قيدين کي به عدالتن ۾ نه آندو ويو، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جنرل سيڪريٽري مرزا سرفراز احمد چيو آهي ته شڪر آهي ته عامر وڙائچ جي جان بچي وئي، اسان چيف جسٽس کي درخواست ڪئي آهي ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. هوڏانهن ملير بار جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو، ان موقعي تي ٿيل ميڙاڪي کي ملير بار جي صدر ارشاد شر، اياز چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو. هوڏانهن شهدادڪوٽ ۾ وڪيلن مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، سجاول ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائڪاٽ ڪيو ، ان موقعي تي سجاول بار جي صدر سجاد خواجا، جنرل سيڪريٽري آفتاب احمد حسنيا، عمران شاهه، سلطان کوسو خطاب ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ اطهر عباس سولنگي نورالدين مهيسر، آصف چانڊيو، حبيب الله غوري، ساجد مهيسر، غلام مصطفيٰ مگسي، غلام محمد باريجو، غلام شبير جتوئي، حاڪم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،حيدرآباد ۾ ھاءَ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن مذمتي ٺهراءُ پاس ڪندي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.. ٻئي پاسي حيدرآباد جي مختلف لاڪاليجن جي شاگردن سهيل ڏاهري ۽ حفيظ سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون الڳ الڳ مظاهرا ڪيا، ميھڙ ۾ وڪيلن ٻيٽو چوڪ کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو، ريلي ۾ شھري اتحاد ، قومي عوامي تحريڪ ، عوامي جمھوري پارٽي ، پي ٽي آءِ ، ايس يو پي ، جي ڊي اي، سني ايڪشن ڪاميٽي ، پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ واپارين شرڪت ڪئي، قمبر ۾ شفيع محمد کوسو، سهندر ڪمار،اسد بليدي ماجدخاصخيلي عاشق جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺل ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري گلاب بگٽي، عدنان سرڪي روشن ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، رتيديري ۾ غلام مرتضيٰ تنيو ، وقار سيال ، راشد جوڻيجو ، شريف گهانگهرو، آصف سرور ملگاڻي ، خادم حسين قادري ، علي مردان ناريجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ مظفر رند، ڪامران پيچوهو،گلزار رند، ظفر الله سرھيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سکر ۾ ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار پاران عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو،خيرپور ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪري اعجاز چانڊيو، الطاف مري، حميل رفيع مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته خيرپور ۾ وڪالت جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن عمير شاھه، امير حيدر جمالي، شوڪت مڱريو، شيراز خاصخيلي، محمد يونس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، جسقم پاران پڻ ريلي ڪڍي وئي، گهوٽڪي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد لياقت ملاڻو، وزير گهوٽو، واحد بخش ڀٽو، ارشاد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، گمبٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن ذاڪر عالماڻي، علي ڏنو اڄڻ، زاهد شنباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ٽنڊي آدم ۾ عبدالله خٽڪ ۽ شيخ جاويد علي جي اڳواڻي ۾ عَدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، شهدادپور ۾ آغا افتخار ترين، فياض خاصخيلي، شيراز لاکو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ميٺادر ٿاڻي تي رات جو دير سان حملي جوڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عورت ڪرن، سندس ڀائرن ڪامران، مستنصر صديق کي نامزد ڪيو ويو آهي.
توکي اڄ مار ملي آهي، اڳتي حشر وڌيڪ خراب ٿيندو: ناري
ڪراچي: ڪراچي بار جي زخمي صدر عامر وڙائچ تي نقاب پوش ناري طرفان الزام هڻڻ ۽ سبق سيکارڻ جي وڊيو وائرل، رئي سان منهن ڍڪيل ناري 29 سيڪنڊن جي وڊيو بيان ۾ پنهنجو نالو به نٿي ٻڌائي ۽ نه ئي وري اها عامر نواز وڙائچ جو نالو کڻي ٿي، عورت وڊيو بيان ۾ چئي رهي آهي ته توکي ڪيترا دفعا سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم پر حرڪتن کان مڙيو ناهين، اڄ جيڪا توکي مار ملي آهي، اها ڪجهه به ناهي، اڳتي هلي توسان وڌيڪ خراب ٿيندو، تون ڇوڪرين سان زيادتي ڪندو آهين، انهن جي زندگين سان کيڏين ٿو، اڃا ٻيون ڇوڪريون به منظر عام تي اچي ڪيس داخل ڪرائينديون، الله جي لٺ بي آواز آهي. توکي گناهن جي سزا ملندي، انهي وڊيو کانسواءِ هڪ ميسيج پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، جنهن ۾ لکيل آهي ته عامر نواز وڙائچ تي ايڊووڪيٽ ڪرن جي ڀائرن حملو ڪيو آهي. جڏهن ته عامر نواز وڙائچ موقف اختيار ڪيو ته هڪ ڇوڪريءِ کي سندس خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.
وڪيل اڳواڻ تي حملي جا جوابدر گرفتار ڪيا وڃن: جماعت اسلامي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ تي قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي بزدلانه ڪارروائي قرار ڏني ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڏوھارين کي فوراً گرفتار ڪري قانون مطابق سزا ڏني وڃي.
حملو ڪرائيندڙ سامهون اچن: ڪئنالن خلاف ڌرڻو ضرور لڳندو: وڙائچ
ڪراچي: ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته مون تي حملو ڪرائيندڙ پاڻ سامهون اچن، باقي ڪنهن کي ناري کي استعمال ڪرڻ بزدلي آهي، اها ناري ڪير به هجي، منهنجي ڀيڻ آهي، هن وقت غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته ناريءَ کي هراسان ڪرڻ تان سندس ڀائرن حملو ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهو حملو ڪئنالن خلاف احتجاج تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪرايو ويو آهي، اسين ڊڄڻ وارا ناهيون، ڪنهن به صورت ۾ ڪئنالن جي معاملي تان نه هٽنداسين، ڪالهه ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي جنرل باڊي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته توهان ڊڄڻا آهيو، توهان اهڙا ڪم ڪنهن کدڙي کي به ڏيندا ته اهو به ڪري وٺندو، هن چيو ته ڪئنالن جو معاملو صرف سنڌ نه پر پنجاب جو به مسئلو آهي، ڪئنال ڪڍڻ سان پنجاب به متاثر ٿيندو، ڪئنال سان سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت تباهه ٿي ويندي، هن چيو ته 12 اپريل واري وڪيل ڪنويشن ۾ ڪئنالن واري فيصلي کي واپس وٺڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ويندو، جنهن بعد ڪمون شهيد تي ڌرڻو هڻي روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ بند ڪيا ويندا، وڪيل اڳواڻ نعيم قريشي چيو ته اسان کي عامر نواز وڙائچ تي حملو ڪندڙن توڙي واقعي پويان ڌرين جي به خبر آهي اسان جو مطالبو آهي ته واقعي جي هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائي وڃي، وڪيل اڳواڻ سعيد عباسي، ملير بار جي اڳواڻن اشرف سمون ۽ اياز چانڊيو چيو ته سنڌ جي زمين هارين بدران ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ بااثرن کي ڏني پئي وڃي، اسان ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين.