| وڪيل جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ استعمال: جعلساز ڀارت پهچي ويو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هڪ وڪيل جي سڃاڻپ ۽ پاسپورٽ استعمال ڪري ڪو جعلساز ڀارت پهچي ويو ۽ جعلسازي نادرا ذريعي ٿي۔ سينيٽر افنان الله وڪيل سان ٿيل جعلسازي جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ اٿاريندي چيو ته اٽارني جنرل آفيس جي ڪنسلٽنٽ جو جعلي پاسپورٽ استعمال ڪري جعلساز 2023ع ۾ ڀارت پهتو۔ متاثر وڪيل هتي موجود آهي، ان کان پاڻ پڇا ڪري سگهجي ٿي. متاثر وڪيل ڪميٽي کي ٻڌايو ته هڪ شخص اُن جي سڃاڻپ ۽ پاسپورٽ استعمال ڪري ڀارت ويو۔ انهي شخص سبب مون کي ۽ والد کي نادرا وٺي وڃي پنهنجو پاڻ کي پاڪستاني شهري ثابت ڪرڻو پيو۔ ڊي جي پاسپورٽس ٻڌايو ته نادرا اهڙن ڪيترن ئي جعلسازي وارن ڪيسن بابت کين آگاهه ڪيو آهي۔ هڪ ڊيش بورڊ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي جعلسازي سان سفر ڪندڙن جي روڪٿام ممڪن بڻائي وئي آهي۔ سينيٽر پلوشه خان سوال اُٿاريو ته نادرا مان سڃاڻپ ڪيئن چوري ٿي، ڊيٽا ڪيئن ليڪ ٿيو. ان تي ڊي جي پاسپورٽس چيو ته شهري پنهنجن پاسپورٽن ۽ شناختي ڪارڊن جا تفصيل واٽس ايپ تي شيئر ڪندا آهن، جتان ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي۔ سينيٽر طلحہ محمود چيو ته نادرا ڪيترن افغان نيشنلز ۽ دهشتگردن کي به شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ ڊي جي پاسپورٽس چيو ته هي ڪيس 2023ع جو آهي، پر هاڻي نادرا ۽ پاسپورٽس کاتي ۾ جديد نظام متعارف ڪرايو ويو آهي۔ سينيٽر افنان الله چيو ته نادرا، بينڪ ۽ ايف بي آر جو ڊيٽا ڊارڪ ويب تي موجود آهي، جيڪڏهن ڪنهن شهري جو ڊيٽا خريد ڪرڻو هجي ته 500 رپين ۾ ملي وڃي ٿو۔ کاتي جي اندر ڪنهن جي ملوث ٿيڻ کان سواءِ اهڙي سطح تي ڊيٽا چوري ممڪن ناهي۔ ڊي جي پاسپورٽس چيو ته هو ضمانت ڏئي ٿو ۽ يقين ڏياري ٿو ته هاڻي ڪنهن جو جعلي پاسپورٽ ٺهي نٿو سگهي۔ متاثر وڪيل ٻڌايو ته هن وٽ ٻٽي شهريت پڻ آهي ۽ هو سفر لاءِ برطانوي پاسپورٽ استعمال ڪندو آهي۔ هو هڪ سال کان ڊي جي پاسپورٽس سان ملاقات جو انتظار ڪري رهيو آهي۔ طلال چوڌري چيو ته حڪومت پاڪستان سائبر سيڪيورٽي بابت هڪ اٿارٽي قائم ڪري رهي آهي۔ افنان الله کي موڪليو، اسان انهن کي نادرا بابت تفصيلي بريفنگ ڏينداسين.