ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڪيل خواجا شمس الاسلام تي حملي واري ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس ٽرائل لاءِ سيشن ڪورٽ سائوٿ ڏانهن اماڻڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو, جوابدار عمران جي وڪيل سيف آفريدي چيو ته اها دهشتگردي نه پر ذاتي دشمني جو مامرو آهي، مقتول خواجا شمس الاسلام ۽ جوابدار وچ ۾ 2021 کان تڪرار هلندڙ هو.
لاڙڪاڻي ۾ ٻٽي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن کي ڌمڪيون، احتجاج
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد سول اسپتال جي وارڊ ۾ 6 مهينا اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل زال مڙس واري واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ مقتولن جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شهر جي نظر محلا جي رهواسي پورهيت احمد خان چانڊيو پنهنجي گهرواري عاصمه خاتون سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 17 جولاءِ تي جوابدارن سول اسپتال ۾ سرعام ڏينهن ڏٺي جو منهنجي ماٽيلي ڀاءُ محمد يوسف مغيري ۽ سندس گهرواري ريحانه خاتون کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو، هنن چيو ته پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا، موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
قمبر واسي کنڀيل پورهيت نه مليو، پوليس تي الزام
قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ گل محمد چچو واسي کنڀي گم ڪيل نوجوان ضمير کوسو جي آزادي لاءِ وارث عورتن ۽ مردن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، کنڀيل نوجوان جي زال مريم خاتون جو چوڻ هيو ته مڙس ڪراچي ۾ مل ۾ مزدوري ڪندو هيو، واپس ڳوٺ اچي رهيو هيو ته وڳڻ ڀرسان پوليس ۽ سادا ڪپڙا پاتل اهلڪار کنڀي کڻي ويا آهن هڪ هفتو گذرڻ باوجود ان جو ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي، ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي به وياسين پوليس چوي پئي ته اسان کي خبر نه آهي، ڪوچ ڊرائيور ٻڌايو ته وڳڻ مان پوليس گاڏي مان لاھي کنڀي وئي آهي، منهنجو مڙس ضمير پورهيت آهي، جيڪڏهن هن مٿان ڪو ڪيس آهي ته سندس گرفتاري ظاهر ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.
ٽنڊي غلام حيدر ۾ پوليس چڙهائي ۽ 3 ڄڻا زخمي ڪرڻ خلاف احتجاج
ٽنڊو غلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي مويا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ باقر رند جي رهواسي ڳوٺاڻن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو بااثر ماڻهن جي هٿياربندن سان گڏ مويا پوليس جي چڙهائي ٻن عورتن مسمات ستڀرائي ، مسمات سليمي ۽ نوجوان پرين رند کي زخمي ڪرڻ ، گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ ، عورتن ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بنائڻ ، گهرن مان سامان جي ڀڃ ڊاھ ڪري هزارين روپين جي نقصان رسائڻ خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ڳوٺاڻن پرويز رند ، مسمات شمشاد رند ، مسمات شريفان ، مسمات ڪونج ۽ ٻين چيو ته پوليس بااثر زميندار اشفاق چوڌري، سندس پٽ آصف چوڌري جي چوڻ تي اسان جي گهرن ۾ بنا ڪنهن جواز چڙهائي ڪري ڳوٺ مان لڏائڻ ۽ زمين تي قبضي لاءِ چوري جو الزام لڳايو آهي ناانصافي خلاف ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ اعلى اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا.
مٽياري ۾ کنڊو اسٽاپ واسين جو گھر مان ڦر ۽ ناري اغوا خلاف احتجاج
مٽياري (رپورٽر) سٽي پريس ڪلب مٽياري تي کنڊو اسٽاپ جي ڀيل برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته تاريخ 15جنوري تي جوابدارن نالي دليپ پٽ ڪيول ڀيل مختلف جوابدارن نالي ھر ھڪ ڪيول ، ڀليو ، گلاب ، شريمتي راڌا ، رانجھو ، ھيرو ، واري ڌر ھٿيارن جي زور تي اسان کي يرغمال بڻائي اسان جي نياڻي نالي گنگا ڀيل سميت روڪ رقم ٻارنھن لک پنج تولا سون ۽ ٽي ڪلو چاندي جا زيور کڻي فرار ٿي ويا جنهن جي اين سي اسان ان ئي ڏينھن ڀٽ شاهه ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي جنھن بعد جوابدار ڌر ٻئي ڏينهن مٽياري سيشن ڪورٽ ۾ اسان مٿان 22 اي بي جي ڪوڙي درخواست داخل ڪرائي ان سلسلي ۾ اڄ اسان ايس ايس پي آفيس مٽياري جي ڊي ايس پي ڪمپلين سيل جي آفيس ۾ پنھنجو بيان داخل ڪرائڻ پھتاسين جتي اسان کي فون تي اطلاع مليو آهي ته جوابدار ڌر جو ماڻهو نالي ڪيول زھر پيئڻ سبب فوت ٿي ويو آهي جنهن جو ڪوڙو الزام پڻ اسان جي مٿان مڙھيو ويو آهي جڏھن ته اسين صبح کان ايس ايس پي آفيس ۾ موجود ھئاسين اسين ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي مغوي نينگري ۽ قيمتي سامان واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
ڳيريلي ۾ قتل ڪيس ۾گهربل مک جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
ڳيريلو (ن پ ا) ڳوٺ غلام محمد بليدي ۾ 3 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي لطف بليدي جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار روشن بليدي کي پوليس پاران هٿيار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب لطف بليدي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار روشن بليدي کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي.
کورواهه ۾ قبرستان تي مبينا قبضي خلاف احتجاج، ڌرڻو
کورواھه (ن پ ا) کورواهه ويجهو غلام شاھ قبرستان تي مبينا قبضي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪراچي بدين مين روڊ تي وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. روڊ بند هجڻ ڪري گاڏين جو قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي ڳوٺاڻن اشرف خاصخيلي پوڙهو خاصخيلي صالح جمالي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته غلام محمد سمون غلام شاھ قبرستان ۾ ڄاريون وڍي قبرستان جي بي حرمتي ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان جو ڪو ماڻهون فوت ٿئي ٿو ته هو لاش دفنائڻ ناهي ڏيندو هنن چيو ته وسوارا نوٽيس وٺي قبرستان تان مبينا قبضو هٽرائي ڏين
ڦلهڏيون جي ڳوٺاڻن جو گئس بندش ۽ رستا روڪ خلاف مظاهرو
سنڌڙي(ن پ ا) ڦلھڏيون ڀرسان ڳوٺ عمر کوھي ۾ واٽر ڪورس جي معامري تان اختلافن سبب مختلف ڳوٺن جا رستا بند ڪيا ويا، جنھن خلاف مقامي ڳوٺاڻن علي رضا مري، قيوم مري، مالڪ بخش مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته ااثرن وڏيري عمر کوھي 200 ڳوٺن جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن، کيڙائي ڇڏيا آھن سرڪاري موري تي ڍينگھر رکي بند ڪري ڇڏيو آھي، بااثر عمر مري اسانجي ڪنورٽ ڪرايل واٽر مان چوي ٿو پاڻي ڏيو نه ته رستو ڪون ڏيندس، ڳوٺاڻا اچ وڃ بند ٿيڻ سبب سخت پريشان آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته انتظاميه فوري طور اسانجي ڳوٺن جا رستا بحال ڪرائي، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل وڏيري عمر کوھي ۽ سندس پٽ عبدالڪريم کوھي ٻڌايو ته اسانجي زمين ڀرسان واٽر ڪورس بنا مشوري جي زبردستي ڪڍيو پيو وڃي. واضع رھي ته سانگھڙ ۽ ضلع ميرپورخاص جي ٿاڻن حدن جي دنگ وارو بورڊ به ٻنھي ڌرين جي تڪرار سبب اکيڙي ڪڍيو ڇڏيو ۽ علائقي ۾ ڪشيدگي واري صورتحال آھي، ڪنھن به وقت اڻوندڙ واقعو پيش اچي سگھي ٿو