وڪيل عبدالرزاق شر قتل ڪيس ۾ عمران کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم برقرار

آگسٽ 9, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران ڪوئيٽا ۾ وڪيل عبدالرزاق شر جي قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار نھ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو

جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراھيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ھلائي، ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل امان اللھ ڪنراڻي  بينچ جي ٻن ميمبرز تي اعتراض واريو  هن  الزام ھڻندي چيو تھ جسٽس مظاھر نقوي غلام محمود ڊوگر ڪيس ۾ چونڊن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ھو، جسٽس حسن اظھر رضوي خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻيءَ ھيٺ آھي

 بينچ جي ججز پاران وڪيل جي الزامن تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، جسٽس حسن اظھر رضوي چيو تھ توھان ججز جي ڪردار ڪشي ڪيئن ٿا ڪري سگھو؟ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ منھنجي خلاف ڪھڙو ڪيس ٻڌڻي ھيٺ آھي؟ ثبوت ڏيو، توھان کي ججز تي الزام ھڻڻ جي ذميواري ڏئي اماڻيو ويو آھي

 جسٽس حسن اظھر رضوي جسٽس يحيٰ آفريدي کي مخاطب ٿيندي چيو تھ ھن کي چئو تھ الزامن جا ثبوت ڏئي نھ تھ توھين عدالت جو نوٽيس ڪريو، وڪيل امان اللھ ڪنراڻي چيو تھ جج صاحب رڙيون نھ ڪريو، مان توھان جو غلام ناھيان، عام شھري آھيان ۽ مون کي راءِ ڏيڻ جي آزادي آھي

جسٽس مظاھر نقوي چيو تھ ڇا اسان غلام آھيون؟ جسٽس يحيٰ آفريدي وڪيل کي فوري طور معافي وٺڻ لاءِ چيو، وڪيل امان اللھ ھٿ ٻڌي معافي گھري ۽ چيو تھ توھان تھ وڏا آھيو، آئون معافي ٿو وٺان

جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس حسن اظھر کان پڇيو تھ ڇا توھان معافي قبول ٿا ڪريو، جسٽس حسن اظھر چيو تھ الزام واپس وٺڻ جي صورت ۾ معافي قبول آھي

جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس مظاھر نقوي کان سوال ڪيو تھ ڇا توھان کي معافي قبول آھي؟ جسٽس مظاھر نقوي چيو ايبسليوٽلي ناٽ جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

عدالت رمارڪس ۾ چيو تھ وڪيل امان اللھ ڪنراڻي غير مشروط معافي ورتي آھي

Leave A Comment