اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ وڪيل جي قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪارروائي روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي
ڪوئيٽا ۾ وڪيل جي قتل ۾ نامزدگي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس عائشا ملڪ ٻڌڻي هلائي
عدالت ڪيس ۾ ڪارروائي تي منع نامي جي استدعا رد ڪئي، عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي استدعا به رد ڪري ڇڏي
عدالت جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ درخواست رد ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ان تي حڪم نامو نه ٿي ڏئي سگهي
جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻه رڪني بينچ وٽ عبوري رليف ڏيڻ جو اختيار ناهي، لارجر بينچ لاءِ چيف جسٽس کي استدعا ڪريو