| وڪيل ڪراچي ڪنوينشن ۾، چانڊيا تمندار قتل ڪيس نه هلي سگهيو |
دادو(رپورٽر) ام رباب چانڊيو جي ٽي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ دادو ۾ ٿي، جتي پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، سندس ڀاءُ برهان چانڊيو، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جوابدارن جا وڪيل ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 هين ترميم خلاف وڪيلن جي ڪنوينشن ۾ هئڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا.ٻئي پاسي فريادي پرويز چانڊيو، ام رباب چانڊيو ۽ سندن وڪيل پڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيا. عدالتي ذريعن موجب ڪراچي ۾ 27هين ۽ 28هين ترميم بابت منعقد ٿيل ڪنوينشن سبب ڪيترائي وڪيل عدالتن ۾ پيش ٿي نه سگهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيس جي ڪارروائي اڳتي نه وڌي سگهي. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ تاريخ 6 ڊسمبر ڇنڇر مقرر ڪري ڇڏي. تاريخ ملڻ بعد الزام هيٺ آيل ايم پي اي سردار خان چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ 22 نومبر ڪراچي ۾ وڪيلن جو ڪنوينشن هيو، تنهنڪري ڪيس نه هلي سگهيو سردار چانڊيو تنگي جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو هر حاضري تي اوهان مونکان پڇو ٿا ته ڪيس ڪٿي پهتو؟ توهان بادشاهه آهيو، اسان جو ڪم ته صرف حاضري ڏيڻ آهي، باقي ججن جي مرضي آهي، عدالت هاڻي ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تي هلائيندي