وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏندڙن لاءِ گنجائش ناهي، وڏي تحريڪ جي تياري ڪريو، ڀلي سڄي زندگي جيل ۾ رکو جهڪڻ وارو ناهيان: عمران
مَي 27, 2025
راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏندڙن لاءِ پارٽي ۾ ڪا به گنجائش ناهي. پارٽي وڏي تحريڪ جي تياري ڪري، هاڻي ماڻهن کي اسلام آباد نه گهرائيندس، پر سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي، عليمه خان جون اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ملاقات ۾ باني چيو پارٽي ۾ وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏندڙن لاءِ ڪابه جاءِ ناهي، ڀلي سڄي زندگي جيل ۾ رکيو وڃي پر هو ڪنهن جي آڏو نه جهڪندو، عليمه خان موجب باني ٻڌايو کيس جيل ۾ عام قيدين وارا حق به نٿا ڏنا وڃن، ذاتي ڊاڪٽرز کان طبي معائنو نٿو ڪرايو وڃي، 8 مهينن ۾ رڳو هڪ دفعو پُٽن سان ڳالهرايو ويو، ڀينرن سان به ملاقات ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي، جيڏو به ٽارچر ڪيو غلامي قبول نه ڪندس. عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پارٽي وڏي تحريڪ جي تياري ڪري، ماڻهن کي اسلام آباد مارچ جو سڏ نه ڏيندس، سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي، عليمه خان موجب عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته وقت هاڻي مٽجي رهيو آهي، وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏندڙن لاءِ پارٽي ۾ جاءِ ناهي، فرعونيت يا يزديت جي نظام کي قبول نه ٿو ڪري، عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي نظريي جو ووٽ مليو آهي منهنجي سڀني تي نظر آهي، جيڪي به ان نظريي سان گڏ ناهن انهن جي پارٽي ۾ ڪا به جڳهه نه هوندي، ججز جو حال ڏسو القادر ڪيس ٽن مهينن کان ناهي هلي رهيو، 9 مئي ۽ ٻين ضمانتن جا ڪيس به آهن ججز زبان ڏني ته ڪيس هلائينداسين پر انهن ائين نه ڪيو.