وڳڻ: اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر تي پيٽرول جا 4 لک هڙپ ڪرڻ جو الزام

جُولاءِ 21, 2023

وڳڻ( رپورٽر ) وڳڻ ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر تي ٽائون ڪاميٽي جي نالي تي پيٽرول جي مد ۾ 4 لک هڙپ ڪرڻ جو الزام، شهري عدالت پهچي ويو

پيٽرول پمپ مالڪ سئي سدرن گيس جي انجنيئر سليم اختر تنيو پاران اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر عطاءُ الله ڇٽو کي پنھنجي وڪيل معرفت قانوني نوٽيس موڪليو ويو آهي

پيٽرول پمپ مالڪ ٻُڌايو ته ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر عطاءُ الله ڇُٽو اسانجي پيٽرول پمپ تان ٽائون ڪاميٽي وڳڻ جي نالي تي پيٽرول کڻندو هو

اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر عطاءُ الله ڇُٽو ڏانهن چار لک رپين کان وڌيڪ پئسا رهيل آهن، جيڪي هو نه ڏئي رهيو آهي

ھُن بلديات جي وزير، ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ سميت ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته عطاءُ الله ڇٽو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پيٽرول جا پئسا ڏياريا وڃن

ھوڏانھُن آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن لالا حفيظ پٺاڻ ممتاز وڳڻ ڪامران پنھور ۽ ٻين ٽائون ڪاميٽي وڳڻ ۽ يوسين مان جي بجيٽ جي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي

Leave A Comment