وڳڻ لڳ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ قمبر واريئرز کٽي ورتو

وڳڻ لڳ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ قمبر واريئرز کٽي ورتو

وڳڻ (ن پ ا) ڳوٺ ملوڪ تنيو ۾ ٽي ايچ گرائونڊ تي پيغام پاڪستان جي تعاون سان اسپورٽس گالا ڪرڪيٽ جو اٺن اوورن تي مشتمل ناڪ آئوٽ ميگا ايونٽ ڪرايو ويو. سورنھن ٽيمن حصو ورتو جنھن مان فائنل ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي ٽيم ٽي ايچ ٽائيگرز ۽ قمبر واريئرز جي وچ ۾ ٿيو. قمبر واريئرز ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي اٺن اوورن ۾ ٽن وڪيٽن تي سعيد جي 41 ۽ محمد جي 38 رنسن جي مدد سان 99 رنسون ٺاھيون. ٽي ايچ ٽائيگرز اٺن اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي صرف اسي رنسون ٺاھيون. محمد امين چنو، اعجاز علي وڳڻ، سائين عبدالمجيد تنيو، اياز چانڊيو، زبير احمد تنيو، بخشل خاصخيلي، شاعر رفيق سومرو شرڪت ڪئي. حافظ طفيل احمد تنيو رنر ٽيم جي ڪپتان ڪليم الله جتوئي کي ٽرافي ۽ پنج ھزار روڪ، ونر ڪپتان اسماعيل کي مين آف دي سيريز جو انعام ۽ ونر ٽرافيء سان گڏ ڏھ ھزار روڪ رقم پڻ ڏني.