وڳڻ مان اغوا ڄاڻايل ناري بابت اطلاع تي 10 لک انعام

وڳڻ مان اغوا ڄاڻايل ناري بابت اطلاع تي 10 لک انعام

قمبر (رپورٽر) وڳڻ شهر مان تقريبن 3 سال  اڳ  15 سالن جي ناري بلقيس ولد معشوق علي مڱڻهار اغوا ٿي وئي هئي، جنهن کي هٿ ڪرڻ ۾مدد ڪرڻ يا ان موجودگي بابت ڄاڻ ڏيندڙ لاءِ 10 لک انعام رکيو ويو آهي، ايس ايس پي طرفان جاري ڪيل ليٽر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ناري جي موجودگي بابت ڄاڻ ڏيندڙ جو نالو به راز ۾ رکيو ويندو، موبائل نمبر به ڏنا ويا آهن، ياد رهي ته 3 سال اڳ 17 جون 2023 تي بلقيس کي گهر مان اغوا ڪيو ويو هيو، واقعي جو ڪيس والد معشوق علي مڱڻهار وڳڻ ٿاڻي تي جوابدار منٺار وڪو ۽ ٻين اڻسڃاتل جوابدارن مٿان داخل ڪرايو هيو، پوليس جوابدار منٺار وڪو کي گرفتار ڪيو هيو، پر اغوا ٿي ويل ناري کي هٿ ڪري نه سگهي هئي.