وڳڻ ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جيئو ڪنگس کٽي ورتي: جيئو سپر اسٽار کي شڪست

وڳڻ ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جيئو ڪنگس کٽي ورتي: جيئو سپر اسٽار کي شڪست

وڳڻ ( ن پ ا ) وڳڻ ويجھو ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جيئو ڪنگس کٽي ورتي،  جيئو سپر اسٽار کي شڪست نصيب ٿي. ڳوٺ جيئو خان مغيري ۾ سماجي تنظيم المغيري نوجوان سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان نوجوانن کي صحتمند ۽ بهتر ماحول فراهم ڪرڻ ۽ سندن همت افزائي لاءِ مغيري سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو شاندار اهتمام ڪيو ويو، جڏھن تہ ٽورنامينٽ ۾ چئن ٽيمن حصو ورتو، جنهن بعد فائنل ۾ جيئو سپر اسٽار ۽ جيئو ڪنگس مين وچ ۾ دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلو ڏسڻ ۾ آيو. ٽاس کٽڻ بعد جيئو سپر اسٽار جي ڪپتان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.جيئو ڪنگس مين پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر ڏهن اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 116 رنسون اسڪور ڪري مخالف ٽيم کي 117 رنسن جو هدف ڏنو. جواب ۾ جيئو سپر اسٽار جي ٽيم ڀرپور ڪوشش باوجود مقرر هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن بعد دلچسپ مقابلي کان پوءِ جيئو ڪنگس مين ٽورنامينٽ جي فاتح قرار پائي.ٽورنامينٽ دوران عادل علي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، جڏهن ته محمد يوسف بهترين بالنگ ڪندي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪري نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري، ٽورنامينٽ جي ڪامياب انعقاد ۾ فوجي منظور علي مغيري، دبئي مان فيض محمد مغيري ۽ محمد سليم مغيري جو خاص تعاون شامل رهيو. جڏهن ته انتظامي معاملن ۾ اي ڪي ارشد مغيري، وفا، خادم حسين، عبدالحميد مغيري، محمد آصف، مظفر حسين ۽ حاجي محمد اسلم جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو. آخر ۾ تقريب جي مهمانِ خاص، سماجي تنظيم المغيري نوجوان سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي باني ۽ سماجي اڳواڻ يار محمد مغيري، ونر ۽ رنر اپ ٽيمن سميت بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون، ڪپ ۽ ڪيش انعام ورهايا ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي.