وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ويجھو ڳوٺ قبول تيوڻا جو رهواسي فقير گلاب تيوڻا پاران تعليم کاتي جي زيادتين ۽ نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت اسڪول جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي فقير گلاب تيوڻو چيو ته پرائمري اسڪول جو پلاٽ منهنجو ذاتي آهي، اسان اسڪول جي لاءِ پلاٽ ڏنو هو، 20 سال گذري چڪا آهن، پر نوڪري ناهي ملي سگهي، واعدو ڪيو ويو ته هو ٻه نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، هنن مطالبو ڪيو ته نوڪريون ڏنيون وڃن.