| وڳڻ ۾ اغوا ٿي ويل نوجوان جو پيءُ صدمي ۾ فوت |
وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ۾ پيرسن اغوا ٿي ويل پٽ جي صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو،شھر جي تنيا پاڙي جي رهواسي 18 مھينا اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان محمد امين تنيو کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، شھر جي تنيا پاڙي ۾ پيرسن ولي محمد تنيو اغوا ٿي ويل نوجوان پٽ محمد امين تنيو جي صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏھن مبينا طور اغوا ٿي ويل نوجوان محمد امين تنيو جي پيرسن امڙ پڻ پٽ جي صدمي ۾ تڙپي تڙپي بيحال ٿي وئي آھي.