| وڳڻ ۾ مارجي ويل شڪارپور واسي جو 10 ڪلاڪن بعد لاش وارثن حوالي: مقابلو جڙتو قرار |
وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ لڳ وڪا موريءَ وٽ انڊس ھاءِ وي تي پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ جوابپور جي رھواسي جوابدار ساجد چانڊيو جو لاش وصول ڪرڻ جي لاءِ سندس ڀينر ساجدا خاتون ۽ ضميران خاتون چانڊيو وڳڻ جي سرڪاري اسپتال پھچي ويون، لاش نه ملڻ ڪري مارجي ويل نوجوان جون ڀينرون 5 ڪلاڪن تائين پاڪ ڪتاب کڻي سرڪاري اسپتال جي ٻاهران ويٺل رهيون، ان حوالي سان مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ڀاءُ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن معاملي تان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، اسان ڇوڪري به وارثن جي حوالي ڪئي هئي، ڏنڊ به ڀري ڏنو هو، پوليس بااثر مخالفن جي چوڻ تي اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي، هاڻ پوليس لاش به نه ڏئي رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس 10 ڪلاڪن بعد مارجي ويل جوابدار جو لاش وارثن حوالي ڪيو.