وڻن جي ‘قاتلن’ ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قانوني گرفت ۾ آڻيو

سنڌ جا ٻيلا، جيڪي نه رڳو فطري حسن جو حصو آهن پر ماحولياتي توازن، موسمي تبديليءَ جي اثرن کان بچاءَ ۽ انساني زندگيءَ جي بقاءَ لاءِ به انتهائي اهم آهن، اڄ انتهائي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ انتظاميا جي نااهلي، بي حسي ۽ ڪرپشن سبب هڪ پاسي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي زمينن تي کلي عام قبضا ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي اهي ئي قيمتي زمينون سياسي رشوت طور ورهايون پيون وڃن. ان سڄي عمل دوران سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته ٻيلن جي حفاظت جو ذميوار کاتو پاڻ ئي وڻ ڪٽائيءَ ۾ ملوث نظر اچي ٿو. وڻن جي بدترين ‘قتل’ جو تازو مثال تعلقي مٽياري، هالا، ۽ ڀرپاسي جا ٻيلا آهن. توڙي جو وڻ وڍڻ تي عدالتي پابندي آهي، ان جي باوجود عدالتي حڪمن کي ليکي ۾ نه آڻيندي ٻيلن جا وڻ وڍڻ جو عمل جاري آهي. مٽياريءَ جي سرڪاري ٻيلن جي 42 هزار ايڪڙ زمين ٺيڪيدار جي حوالي ڪئي ويئي آهي. واڍيءَ سبب زمين ۾ وڻ رهيو ئي نه آهي. وڻ وڍي زمين پوک لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. رڳو مٽياري ٻيلي جون زمينون ئي نه، سيکاٽ، کيبراڻي ۽ هالا جون زمينون به رشوت عيوض الاٽ ڪيون ويون آهن. ٻيلي کاتي جي ملازمن کي موڪل تي اماڻي ٻيلا نجي ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا آهن.

سنڌ ۾ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ وٽ لکين ايڪڙ زمين موجود آهي، جنهن جو مقصد ٻيلا وڌائڻ، وڻ پوکڻ ۽ ماحول کي محفوظ بڻائڻ هو. پر عملي طور تي اها زمين بااثر ماڻهن، سياسي ڀوتارن ۽ زميندارن حوالي ڪئي وئي آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻيلي واري زمين کي زرعي زمين بڻائي، اتي فصل پوکيا وڃن ٿا، رهائشي اسڪيمون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هي سڀ ڪجهه سنڌ حڪومت جي اکين آڏو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان جي سرپرستيءَ هيٺ ٿي رهيو آهي. ٻيلن جي تباهيءَ جو ٻيو وڏو سبب خود فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن جي ڪرپشن آهي. سرڪاري قانونن موجب وڻ ڪٽڻ تي سخت پابندي هئڻ گهرجي، پر عملي طور تي سرڪاري اجازت نامن، جعلي ڪاغذن ۽ رشوت جي بدلي وڏي پيماني تي وڻ وڍي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا. ڪيترن ئي علائقن ۾ قديم ۽ قيمتي وڻ، جيڪي صديءَ کان وڌيڪ وقت کان موجود هئا، سي چند ڏينهن ۾ ختم ڪيا ويا آهن. هي عمل نه رڳو قانوني ڏوهه آهي پر ايندڙ نسلن سان ظلم پڻ آهي.

سنڌ ۾ ٻيلا ختم ٿيڻ سبب ماحولياتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي. گرمي پد ۾ واڌ، برساتن جي گهٽتائي، ٻوڏن ۽ سوڪھڙي جي شدت، جهنگلي جيوت جي خاتمي ۽ هوا جي گدلاڻ جهڙا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ٻيلا قدرتي طور تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري موسمي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽ ڪن ٿا، پر جڏهن ٻيلا ئي ختم ڪيا ويندا ته ماحولياتي توازن ڪيئن برقرار رهندو؟ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت هر سال وڻڪاري ۽ ٻيلا وڌائڻ بابت دعوائون ڪندي رهي ٿي. ڪاغذن ۾ لکين وڻ پوکيا وڃن ٿا، پر زميني حقيقت بلڪل ابتڙ آهي. نه رڳو نوان وڻ نٿا پوکيا وڃن، پر جيڪي موجود آهن، سي به ڪٽي ختم ڪيا پيا وڃن. اها صورتحال واضح ڪري ٿي ته حڪومتي اعلان رڳو سياسي بيان بازي تائين محدود آهن. سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي مجرماڻي خاموشي هن سموري تباهيءَ کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن وقت سر قبضا ختم ڪرايا وڃن، ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٻيلن جي زمين جي حفاظت ڪئي وڃي ته حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون. پر بدقسمتي سان، هتي قانون صرف غريبن لاءِ آهي، جڏهن ته بااثر ماڻهو هر قانون کان مٿانهان سمجهيا وڃن ٿا.

سنڌ ۾ ٻيلن جي تباهيءَ جا انگ اکر انتهائي افسوسناڪ آهن. سرڪاري رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌ جا ٻيلا اڌ کان به گهٽجي ويا آهن. جيڪڏهن هي سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سنڌ مڪمل طور تي وڻن کان محروم ٿي سگهي ٿي، جنهن جا نتيجا انتهائي خوفناڪ هوندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا حڪمران نعرا هڻڻ بدران عملي قدم کڻن. فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي سياسي اثر کان آزاد ڪيو وڃي، غيرقانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن، وڻ ڪٽڻ ۾ ملوث آفيسرن ۽ بااثر ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ ٻيلا وڌائڻ لاءِ سنجيده پاليسيون اختيار ڪيون وڃن. ٻي صورت ۾ سنڌ جي فطرت، ماحول ۽ ايندڙ نسلن کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو. اسان اها گهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته، مٽياري ۽ ڀرپاسي ۾ ٺيڪي تي ڏنل ٻيلي کاتي جون زمينون واپس ورتيون وڃن، وڻن جي واڍي ترت بند ڪرائي وڃي ۽ ملوث ڪامورن کي قانون جي جڪڙ ۽ پڪڙ ۾ آندو وڃي.