يارو لنڊ ويجھو گم پيرسن مبينا طور قتل: هٿ پير ٻڌي لاش واهه ۾ ڦٽو

يارو لنڊ ويجھو گم پيرسن مبينا طور قتل: هٿ پير ٻڌي لاش واهه ۾ ڦٽو

يارو لنڊ(ن پ ا) يارو لنڊ ڀرسان 4 ڏينهن کان گم پيرسن جو هٿ ۽ پير ٻڌل حالت ۾ لاش هٿ ڪيو ويو، پنج ڏينهن اڳ گم ٿي ويل ڳوٺ محمود پتافي واسي علي حسن پتافي جو ڊيزرٽ مائنر مان لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻي طرف وارثن موجب ته علي حسن قتل ڪرڻ بعد لاش لاش مائنر ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ياد رهي ته  هڪ ڏينهن اڳ پيرسن علي حسن پتافي جو نوجوان پٽ لڌو ۽ سندس سئوٽ الهرکيو پتافي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا هئا، وارثن موجب ٻئي نوجوان پيرسن علي حسن پتافي جي ڳولا ڪري رهيا هئا.