لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت پنجاب ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي نظربندي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو
عدالت لاهور سميت پنجاب ۾ نظربند ڪيل سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي
جسٽس صفدر سليم شاهد پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي نظربندي خلاف درخواستن تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو
9 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلي ۾ ياسمين راشد ۽ ٻين جي نظربندي قانون جي ابتڙ قرار، 11 ضلعن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي ڪالعدم قرار ڏني وئي