| يامي گوتم پاران قرآن پاڪ جو مطالعو ڪرڻ جو انڪشاف |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم حق جي هدايتڪار سپرن ورما انڪشاف ڪيو آهي ته فلم جي مُک اداڪارا يامي گوتم پنهنجي ڪردار شازيه بانو کي حقيقي بڻائڻ لاءِ باضابطا قرآن پاڪ جو مطالعو ڪيو ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ سپرن ورما ٻڌايو ته فلم جي تياري دوران يامي گوتم پنهنجي ڪردار جي گهرائي کي سمجهڻ لاءِ قرآن پاڪ مان رهنمائي حاصل ڪئي ۽ ان سڄي عمل ۾ کيس اٽڪل چار مهينا لڳا. هدايتڪار موجب، فلم ۾ قرآن پاڪ جا حوالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن، انهيءَ ڪري فلم جي پڄاڻي لفظ ”اقرا “ تي ڪئي وئي. هن چيو ته مون چاهيو ته فلم حق ذريعي ڏسندڙن تائين اسلام بابت وڌيڪ تصديقي ۽ صحيح ڄاڻ پهچائي وڃي. سپرن ورما موجب، سندس ڪيئي مسلمان دوست آهن ۽ هو هدايتڪار طور مسلمان ڪميونٽي جي تجربن کي بهتر نموني سمجهڻ لاءِ پاڻ به تحقيق ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته فلم جي تياري دوران لڳ ڀڳ ڏيڍ سال تائين اسلامي قانونن ۽ سماجي پهلوئن تي ڪم ڪيو ويو. هدايتڪار جو چوڻ هو ته هو فلم ۾ ٽن طلاقن جهڙن موضوعن بابت موجود غلط فهمين کي ختم ڪرڻ چاهي پيو، جڏهن ته حق مھر واري تصور کي به هڪ سماجي معاهدي طور اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. فلم حق شازيه بانو نالي هڪ عورت جي ڪهاڻي کان متاثر ٿي ٺاهي وئي آهي.