يا الله ! ڪنڌڪوٽ کي تباهه ڪندڙن کي تباهه ڪجان: شهري جون ڪعبت الله وٽ دعائون: وڊيو وائرل

جُولاءِ 22, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني، شهري دانهن کڻي بيت الله شريف پهچي ويو، سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

ڪنڌڪوٽ واسي شهري سعودي عرب ۾  بيت الله شريف ۾ بدامني خلاف رب کان دعا گهري رهيو آھي، الله پاڪ کي پڪاري رهيو آھي

وڊيو ۾ شهري دعا گهري رهيو آهي ته يا الله تنهنجي در تي بيٺا آهيون، ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا جيڪي چونڊيل نمائندا آهن انهن شهر کي تباهه ڪيو آهي

چونڊيل نمائندن ضلعي کي قبائلي جهيڙن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي ، 10-10 ماڻهو روز قتل ٿين ٿا انهن جو حق حساب ذميوارن کان وٺجان

شهري چوي ٿو ته آفيسر هجن يا ايم اين اي ۽ ايم پي اي هجي انهن کان يا الله پاڻ حساب وٺجان، يا الله منهنجي دعا قبول ڪجان، جنهن ڪنڌڪوٽ ڪشمور کي تباهه ڪيو آهي انهن کي تباهه ڪجان، يا الله مسڪينن جون آهون دانهون تون ٻڌڻ وارو آهين

Leave A Comment